سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ملازمن جي پگهارون ۾ ڪٽوتي خلاف درخواست

خيرپور (س ر) سنڌ ايجوڪيشنل فورم خيرپور پاران فلڊ رليف فنڊ جي مد ۾ سنڌ سرڪار پاران سرڪاري ملازمن جي پگهار مان ڪيل ڪٽوٽي خلاف سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر بينچ ۾ پٽيشن داخل ڪرائي ڇڏي، سنڌ ايجوڪيشنل فورم خيرپور جي چيئرمين ظھير احمد لاڙڪ ۽ ٻين پاران سنڌ ايجوڪيشنل فورم خيرپور جي ليگل ڪاميٽيءَ معرفت سنڌ سرڪار پاران فلڊ رليف فنڊ جي مد ۾ گريڊ پهرئين کان سورهين تائين جي ملازمن جي ٻن ڏينهن جي پگهار ۽ گريڊ سترهين کان مٿي جي ملازمن جي پنجن ڏينهن جي پگهار ڪٽوٽي خلاف پٽيشن داخل ڪرائي ڇڏي آهي، پٽيشن ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي تہ سنڌ حڪومت جو هي ظالماڻو فيصلو آهي ڇاڪاڻ تہ حاليہ برساتن ۾ جتي عام ماڻهو جو نقصان ٿيو آهي اتي سرڪاري ملازم پڻ هن آفت جو شڪار ٿيو آهي، پٽيشن ۾ چيف سيڪريٽري سنڌ، سيڪريٽري فنانس سنڌ، اڪائونٽ جنرل سنڌ ۽ ٻين کي ڌر بڻايو ويو آهي، هن سلسلي ۾ سنڌ ايجوڪيشنل فورم خيرپور جي ليگل ڪاميٽيءَ جي عهديدارن ايڊووڪيٽ محمد طارق مهيسر، ايڊووڪيٽ وقار علي ڦلپوٽو ۽ ٻين ٻڌايو تہ سرڪاري ملازمن جو گذر سفر سندن ماهوار پگهار تي هوندو آهي ۽ حاليہ برساتن ۾ سرڪاري ملازم پڻ تمام گهڻو متاثر ٿيو آهي، انهن حالتن ۾ ملازم جي پگهار ڪاٽڻ قانون خلاف آهي، پٽيشن ۾ استدعا ڪئي وئي آهي تہ ڪيل ڪٽوٽي واپس ڪئي وڃي، هن پٽيشن جي ٻڌڻي 13 سيپٽمبر تي سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر بينچ جي ڊويزنل بينچ ۾ ٿيندي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.