ٽنڊو محمد خان ۾ نوجوان کوهه ۾ٽپو ڏئي آپگهات ڪري ڇڏيو

ٽنڊو محمد خان ( ڊ ر  ) ٽنڊو محمد خان شهر جي ڊي ايڇ ڪيو اسپتال ٻاهران روڊ تي قائم ڊرينيج اسڪيم واري کوھ ۾ 34 ورهين جي هندو  شادي شده 4.ٻاران جو پي  نوجوان عالم ڪولهي مبينه طور تي ٽپو ڏيئي پنهنجي زندگي جو ڏيئو اجهائي ڇڏيو آهي ، سماجي رضاڪارن پوليس جي موجودگي ۾ سيڙهي ذريعي کوھ ۾ اندر وڃي نوجوان جو لاش کوھ مان ٻاهر ڪڍي سول اسپتال منتقل ڪيو جتي ڊاڪٽرن نوجوان جي فوتگي جي تصديق ڪئي ، اطلاع آهن ته نوجوان سول اسپتال جي گيٽ اندران ڊوڙندو آيو جنهن جي پويان پوليس اهلڪار پڻ ڊوڙندا رهيا جنهن بعد نوجوان پنهنجي قميص لاهي ڊرينيج واري کوھ ۾ ٽپو ڏيئي آپگهات ڪيو ، فوتي نوجوان شهر جي آبڙي شاخ جو رهواسي ٻڌايو وڃي پيو ، کيس 5 نياڻيون هڪ پٽ جو اولاد آهي ، نوجوان جو لاش ضروري ڪاروائي کانپوءِ وارث پنهنجي ڳوٺ کڻائي ويا

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.