غازي ڳوٺ جا متاثر انصاف لاءِ سراپا احتجاج، مالڪاڻا حق ڏئي بلڊر خلاف ڪاروائي جي گُهر

گلشن اقبال ( ن ع آ) ڪراچي عبدالله شاهه غازي ڳوٺ E بلاڪ جي متاثرن طرفان 51 هين ڏهاڙي به احتجاج جاري غازي ڳوٺ کي ليز ڪرڻ  سميت بلڊر مافيا جي ظلم پوليس گردي جعلساز روينيو عملدارن خلاف ڪاروائي لاء احتجاجي ڪئمپ تي غازي ڳوٺ E بلاڪ جي متاثرن سياسي سماجي اڳواڻن پاران 51 هين ڏهاڙي به جدوجهد جاري رکندي احتجاج ڪيو ويو ان موقعي تي ايڊوڪيٽ ياسر جوکيو. الطاف ميمڻ.اشفاق عباسي . عطاء الله سوهو. محمد رمضان بروهي. گل حسن گوپانگ . لالا شبير پٺاڻ ۽ ٻين اڳواڻن چيو ته غازي ڳوٺ E بلاڪ جي رهواسين کي گهرن مان بيدخل ڪرڻ لاء بلڊر مافيا سسٽم جي آڙ ۾ پوليس ۽ جعلساز روينيو عملدارن جي ملي ڀڳت سان گهرن تي ڪاهون ڪرائي عورتن ٻارڙن تي گوليون ۽  شيل هلائي دهشتگردي جو مظاھرو ڪيو جنهن ڀعد متاثر رهواسي ڳوٺ کي ليز ڏيارڻ لاء لاڳيتو پرامن جدوجهد ڪن پيا پر سرڪار هن وقت تائين سندن مسئلو حل ڪرڻ لاء سنجيدگي جومظاهرو ناهي ڪيو سسٽم مافيا هٿان سرڪار بيوس بڻجي اکيون ٻوٽي ويٺل آهي هتان جا رهواسي سمورن ڏکيائين باوجود به پنهنجي حقن لاء آواز بلند ڪري رهيا آهن سرڪار کي انساني بنيادن تي ڌرتي ڌڻين جي واهر لاء فوري طور تي نوٽيس وٺڻ گهرجي هنن چيو ته جيستائين غازي ڳوٺ جي رهواسين سان انصاف نه ٿيندو جدوجهد جاري رکي ويندي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.