غوث پور ۾ نوجوان کي کنڀي گم ڪرڻ خلاف ڌرڻو

غوث پور (ن ع آ) غوث پور ۾ڳوٺ مبارڪ ڀيو واسي امتياز ڀيو جي گرفتاري خلاف سندس وارثن احتجاجي مظاهرو ڪري پريس ڪلب اڳيان ڌرڻو هنيو. ان موقعي تي ممتاز ڀيو ۽ ٻين صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته سندن نوجوان راشن وٺڻ لاءِ وڃي رهيو هو ته کيس رستي مان پوليس پڪڙي گم ڪري ڇڏيو آهي.هنن چيو ته دراني مهر ٿاڻي جو ايس ايڇ او صاحب خان جاگيراڻي  ڏوهارين کي گرفتار ڪرڻ بجاءِ شريف ماڻهن جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي، اسان جي نوجوان مٿان ڪنهن به ٿاڻي تي ڪيس داخل نه آهي. اسان ايس ايس پي ڪشمور ذيشان شفيق صديقي کان مطالبو ڪيون ٿا ته نوجوان کي آزاد ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.