تاريخي ماڳ موهن دڙي تي ڪانٽريڪٽي ملازم مقرر، قديم ماڳ بچايو وڃي: سڄاڻ ڌريون

موهن جو دڙو ( رپورٽ : قاضي نوشاد ) سنڌ جي عظيم قديم تهذيب سان ظلم جي انتها ٿي وئي موهن جو دڙو تي وڏي عرصي کان ڊائريڪٽر، ڊپٽي ڊائريڪٽر، آرڪيالاجي کاتي جي انجنيئر، ڪيوريٽر ڪنسلٽنٽ جا عهدا خالي پيل آهن  ثقافت آرڪيالاجي ۽ نوادرات کاتي جي صوبائي وزير سيد سردار شاھ، نوادرات کاتي جي ڊائريڪٽر جنرل منظور قناصري، ڊائريڪٽر عبدالفتاح شيخ  ۽ ٻين اختيارين  مبينا طور فنڊ ڦٻائڻ لاءِ اهم عهدن تي نان گزيٽيڊ ۽ هيٺين گريڊن جي  پنهنجي منظور نظر ملازمن کي مقرر ڪري ڇڏيو آهي، ان ڏس ۾ موهن جو دڙو جو سمورو ڪاروهنوار نيشنل فنڊ فار موهن جو دڙو پراجيڪٽ جي ڪانٽريڪٽ تي مقرر ڪيل  آرڪيٽيڪٽ نويد احمد سانگاه حوالي ڪيو ويو آهي جيڪو ثقافت کاتي جي اختيارين جو منظور نظر ماڻهو جيڪو موهن جو دڙو تي اڇي ڪاري جو مالڪ بڻيل آهي، موهن جو دڙو تي مقرر ڪيل اسٽنٽ ڪيوريٽر احسان عباسي به ساڻس هر معاملي ۾ ڀاڱي ڀائيوار بڻيل آهي، وڏي ڳالهه ته نويد سانگاه نشنل فنڊ فار موهن جو دڙو ۾ ڪانٽريڪٽ تي ڀرتي ٿيل  آهي پڪو به نه آهي، هوڏانهن ثقافت نوادرات کاتي جي اختيارين ۽ ڪامورن جي عظيم تهذيب سان ڪيل ورتاء  جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي، حسن جوڻيجو، رڪ سنڌي ۽ ٻين جو چوڻ آهي ته سرڪار عظيم تهذيب موهن جو دڙو کي بچائڻ لاءِ ڪي به قدم نه کنيا آهن ڪامورا صرف ۽ صرف فنڊ ڦٻائڻ ۾ پورا آهن وڏي ڳالهه ته هيڏي وڏي تهذيبي هنڌ تي اهم عهدا خالي پيل آهن پنهجي منظور نظر ماڻهن کي اهم عهدن تي مقرر ڪيو ويو آهي تازو برساتن ۾ عظيم تهذيب جي آثارن کي وڏو نقصان پهتو آهي انتظاميا جي لاپرواهي ۽ نااهلي سبب آثار تباھ ٿيا آهن عظيم تهذيب جي اسٽوپا کي به پلاسٽ جي ٿيلهي سان ويڙهيو آهي  هنن وڌيڪ چيو ته موهن جي دڙي تي خالي پيل اهم عهدا ڀريا وڃن عظيم تهذيب کي تباهي کان بچايو وڃي موهن جو دڙو تي ڊائريڪٽر انجنيئر ڪيوريٽر مقرر ڪيو وڃي ۽ غير قانوني ويٺل عملدارن کي هٽايو وڃي ۽ غير قانوني الائونس کڻڻ جي جاچ ڪري ڪارروائي ڪئي وڃي ٻي صورت م سخت احتجاج ڪيو ويندو، هوڏانهن موهن جو دڙو جا آثار تباهي  بربادي جو شڪار ٿي ويا آهن انتظاميا جي لاپرواهي ۽ نااهلي سبب موهن جو دڙو کي برساتن جھوري تباہ ڪري ڇڏيو آهي پر انتظاميه ڪي جوڳا قدم نه کنيا آهن. هوڏانهن موهن جو دڙو جي عملدارن جو چوڻ آهي ته ڪرپشن جا الزام اجايا آهن آثارن جي بحالي جو ڪم   صاف شفاف نموني هلي رهيو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.