بدر ابڙي جي ڪتابَ ” قافلو هلندو رهيو “ جو مختصر جائزو

تحرير: امين جويو

سائين بدر ابڙي جو هي ڪتاب سندس نِجي زِندگي سان لاڳاپيل ماڻهن بابت آهي . ڪتابَ ۾ ذڪر ڪيل گهڻا ماڻهو ته هِي جَهان ڇڏي چُڪا آهن ۽ هِن ڪتابَ ۾ ليکڪَ اُنهن جي وِڇوڙي تي پنهنجا تاثُر قَلمبند ڪيا آهن . باقي جيڪي ماڻهو اڃا هِن جَهان ۾ جِيئرا آهن ، تن بابت پنهنجن لَڳ لاڳاپن ۽ ساڻن گڏ گهاريل گهڙين جو ذِڪر ڪيو اٿس . هن ڪتاب جو بيڪ ٽائيٽل سنڌ جي نالي واري دانشور محمد علي مانجهي لکيو آهي ، جنهن ۾ هُن ڪتابَ جي ليکڪَ بابت هِيئن لکيو آهي ته ؛ ” هِن ڪتابَ جو ٽائيٽل ، بَدر اَبڙي پاڻ چُونڊيو آهي ، اُن ۾ اُٺن جي قافلي جو هِڪ فُوٽو گِراف ڏنل آهي ۽ اُٺن جي قافلي جي حَوالي سان مون کي جَڳ مشهور ليکڪَ ۽ شاعر رَسول حَمزاتوف جو ڪتابُ      ” منهنجو داغستان “ ٿو ياد اچي ، جنهن ۾ هُن لکيو آهي ته ؛ ” قافلي جي آخري اُٺَ تي بارُ ، ٻين اُٺن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪَ اُن ڪري سَٿيل هوندو آهي جو اَڳيان اُٺَ جيڪو به سامان ڪيرائيندا يا اُڇلائيندا ويندا آهن ، اهو اُن آخري اُٺَ تي سٿيو ويندو آهي! .“ . سو پنهنجي خاندان توڙي خاڪن جي هن سلسلي جو آخري اُٺُ مون کي بَدر ابڙو ئِي نظر اچي ٿو ، جنهن جي دِماغ تي ڏاڏي ۽ پيءُ جي عِلمَ جو بارُ به سَٿيل آهي ته سوڀَي گِيان چَنداڻي ، شيخ اياز ، محمد ابراهيم جويي ، امر جَليل ، تاج صَحرائي ، شمشيرالحيدري ، عَلي احمد بِروهي ، سِراج ، ڄام ساقي ، سُهيل سانگي ، ڪيهر شوڪت ، عبدالرحمان نقاش ، عِنايت مَنگي ، فقير محمد لاشاري ، اَنور پِيرزادي ، اَنور ابڙي ۽ ٻين ڪيترن ئي عِلمَ ، اَدبَ ، مُحبتن ۽ قُربتن جو بارُ به سَٿيل آهي . سو بَدر ابڙي جي پيارَ جو هِي پيارَ وارو پورهيو ، هِن جي ٻين ڪتابن جِيان بيحد اَهم آهي ، جنهن کي پڙهڻ سان سنڌ جا ڪيترائي ذِهن سَيراب ٿيندا “ .

هن ڪتابَ ۾ ليکڪَ جن ماڻهن بابت پنهنجا ويچارَ ونڊيا آهن ، انهن ۾ ؛ علي خان ابڙو ، ڪامريڊ سوڀو گِيان چَنداڻي ، اِبراهيم جويو ، شيخ اياز ، جَمال ابڙو ، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ، تاج صَحرائي ، اَمر جليل ، قَمر شهباز ، عَلي احمد بِروهي ، سِراج ميمڻ ، ڊاڪٽر جي ايم مهڪري ، شمشيرالحيدري ، جِيجي زرينه بلوچ ، بيگم اشرف عباسي ، ڪامريڊ نذير عباسي ، ڪامريڊ ڄام ساقي ، ڪامريڊ جمال نقوي ، سُهيل سانگي ، اَنور پيرزادو ، فقير محمد لاشاري ، عبدالرحمان نقاش ، ڪيهر شوڪت ، هدايت منگي ، طارق عالم ابڙو ، اِشتياق انصاري ، اِسحاق انصاري ، گُل حسن ڪَلمتي ، علي حسن چانڊيو ، عزيز رانجهاڻي ، اِسماعيل اُداسي ، مظهر جَميل ، اَنور ڏِنگڙائي ، نواز علي کوسو ۽ انور ابڙو شامل آهن.

هِن ڪتابَ ۾ ليکڪ ذاتي طور تي جن ماڻهن منجهان متاثر ٿيو آهي يا جن مَڻيادار ماڻهن وٽان جيڪي ڪجهه سکيو آهي .. انهن جا ٿورا مڃيا اٿس ۽ کين ڀيٽا پڻ ڏني اٿس . ڪتابُ پڙهڻ کان پوءِ خبر پوي ٿي ته ليکڪَ کي پهرئين تربيت ته وِرثي ۾ پنهنجن وڏڙن وٽان ئي ملي پرجيئن ته هُن لَڳ ڀَڳ چار سال بيگناهه جيل ۾ اندر ڀوڳيو آهي ، سو آئون سمجهان ٿو ته سندس لکڻين ۾ ان درد ۽ پِيڙاءَ جو احساس به شامل آهي! . اهڙن احساسن جو اظهار هُن پنهنجي ڪهاڻين جي پهرئين مجموعي ” رياست جَهنگل جي آکاڻي “ ۾ ڪيو آهي. هِن ڪتابَ ۾ ليکڪَ پنهنجي جيل جي ساٿين بابت پڻ لکيو آهي . اُن کان سواءِ هن مٿي ڄاڻايل سنڌ جي نالي وارن شاعرن ، اديبن ، ڪهاڻيڪارن ۽ سفر جي ساٿين سان ٿيل ميل ملاقاتن ۽ يادگيرين تي به لکيو آهي . لازمي طور تي انهن شخصيتن جو اثر سائين بدر ابڙي تي ضرور ٿيو هوندو ۽ گهڻن کان سائين متاثر به ٿيو هوندو ۽ سِکيا پڻ حاصل ڪئي هوندائين . هِي ڪتابُ ٻه ٽي ڀيرا پڙهڻ کان پوءِ خبر پوي ٿي ته ، ليکڪ 1973ع ڌاري سنڌي ادبي سنگت جي ٻيهر بحال ٿيڻ کان پوءِ ان جو ميمبر ٿيو ۽ کيس ڏيهي توڙي پرڏيهي اَدب سان آشنا ٿيڻ جو موقعو مليو ۽ اُتان ئي ليکڪَ جو تَخليقي سفر شروع ٿيو ، سنڌي اَدبي سَنگت ڪراچي شاخ جي ڪيترن ئي سِينيئر اَديبن ۽ قلمڪارن سان سندس لَهه وِچڙ ٿي ۽ انهيءَ اَدبي مَنچَ تان ئي سندس پهريون ڪتاب ” تَنقيد ۽ تَنقيد نِگاري “ به ڇپجي پڌرو ٿيو . ليکڪَ هن ڪتابَ ۾ جن ماڻهن ۽ جن ڳالهين جو ذڪر ڪيو آهي ، اِهو ساڳيو اَحوال سندس ٻِين ڪِتابن ۾ به نظر اچي ٿو.

بهرحال آئون هتي رڳو ايترو چوندس ته ؛ هي ڪتابُ ليکڪَ جي ذاتي زندگي  ۾هڪ جهاتي جِيان آهي . ڪتاب پڙهڻ سان خبر پوي ٿي ته ليکڪ پنهنجي زندگيءَ ۾ ڪهڙن ڪهڙن ماڻهن سان مليو ۽ متاثر ٿيو ۽ انهن مان ڇا پِرايائين . اُن کان سَواءِ هِن ڪتابَ ۾ڪُجهه ذِڪر سَندس مُهم جُو ساٿين به ٿيل آهي ، جنهن ۾ ؛  تاج صحرائي ، انور پيرزادي ، اِشتياق انصاري ، عزيز رانجهاڻي ۽ گُل حسن ڪَلمتي جا نالا شامل آهن . هن ڪتابَ ۾ سَندس ڪجهه اَهم ساٿين جا نالا شامل ناهن ، جيڪي مختلف مُهمن ۾ ساڻس گڏ ساٿ ۾ شامل هئا ! خبر ناهي ڇو اُهي نالا هن ڪتابَ ۾ شامل ٿيڻ کان رهجي ويا..

هي ڪتابُ ڪُل ٻهَ سئو چوهٺ صفحن تي مشمل آهي ، جيڪو سن 2014ع ۾ ” ماءِ پبليڪيشن ، سکر “  پاران ڇپائي پڌرو ڪيو ويو هو. هي ڪتابُ پڙهڻ سان هڪ ته مٿي ذڪر ڪيل سنڌ جي نالي وارن اديبن ، ليکڪن ۽ شاعرن بابت مختصر ڄاڻ ملي ٿي ، ٻيو وري انهن سان هن ڪتابَ جي ليکڪ جي ڏيٺ وائٺ ۽ ميل جول جو پتو پوي ٿو . ان کان سواءِ جيڪي ماڻهو ليکڪَ جي ذاتي زندگي بابت ڄاڻَ حاصل ڪرڻ چاهيندا هجن ، انهن کي هي ڪتابُ ضرور پڙهڻ گهرجي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.