پاڻي دوزخ ٿي پيو

تحرير: مقصُود گل

پاڻي ڙي پاڻي! پاڻيءَ ڪيا پُڃَ
ڏِسجي ساريءَ ڀُونءِ تي سؤ ڪوهِي سُڃَ
رُڳو رائو رُڃَ، سهڻِي سنڌ لطيف جِي

دردُ بڇي ٿو ڀُونءِ کي، دردَ ــ وَندو درياهُه
سُڏڪي سنڌ لطيف جِي، سُورَ وندو هر ساهُه
آڻيندو اللهُ، سُڪرُ سڻائي سنڌ ۾

دردُ ورهائڻ آئيو، دردَ ــ وَندو درياهُه
سُڏڪا، سُورَ، صحُوبتون، ماڻهن مُٺ ۾ ساهُه
سامي، سچل، شاهه، دُعاڳا ڌرتيءَ واسطي

وِيچاريندَي ورهن کان، سُڪيءَ جا سوداوَ
گهرا اندر گھاوَ، پاڻيءَ ۾ پلٽِي پيا

وِيچاريندَي ورهن کان، سُڪيءَ وارا سُورَ
پچاريندَي پُورَ، سنڌُو وحشي ٿي پيو

دادلا درياهَه! ايڏو ڏاڍُ ڏمرُ!؟
سَڪتي ۾ هر ساهُه، سانگيئڙا سڪرات ۾

سانگيئڙا سڪرات ۾، ماندو هر هڪ مَنُ
اُلڪا اُلڪا آدمي، دل دل دردُ دفن
ڌرتي مُنهنجو ڌنُ، پاڻي پاڻي ٿِي وئِي

اُلڪا اُلڪا آدمي، سُڏڪا سُڏڪا سنڌُ
جوکَي ۾ هر جندُ، ماڻهوءَ ماڻهوءَ مامرو

ماڻهوءَ ماڻهوءَ مامرو، دل دل دردَ دُکيا
اَرَي منجھه اچي ويا، سانگي سڀُ بُکيا
روئي گھارِن راتڙيُون، بَرَن منجھه بُکيا
ڪيئي ڏِيلَ ڏُکيا، سنڌُ اڪيلي ٿي وئي

تُنهنجِي ٻاجھه بِنا، ڪانهي ڪا ٻِي واهَه
سُڻج عرضَ اللهَ! پاڻي دوزخ ٿي پيو

(نوٽ: مقصُود گل جا مٿيان بيتَ، سنڌ ۾ 2010ع  ۾ آيل مها ٻوڏ جي موقعي تي لکيل آهن، جيڪي اڄ جي حالتن ۾ موجُوده ٻوڏ جي سنڌ جي ابتر حالتن سان پڻ ٺهڪن ٿا.)

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.