برطانوي راڻي 96 ورهين جي ڄمار ۾ لاڏاڻو ڪري وئي

 

لنڊن (ويب ڊيسڪ) برطانوي راڻي الزبٿ (ٻي) 96 ورهين جي ڄمار ۾ لاڏاڻو ڪري وئي.

برطانوي ميڊيا موجب شاهي محل بڪنگهم پيلس راڻي جي لاڏاڻي جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.

برطانوي حڪومت راڻي جي لاڏاڻي تي 10 ڏينهن سوڳ جو اعلان ڪيو آهي.

برطانوي ميڊيا موجب راڻي جي تدفيق لنڊن برج آپريشن جي منصوبي تحت ٿيندي، تابوت کي شاهي ٽرين تي سينٽ پينڪراس ريلوي اسٽيشن لنڊن منتقل ڪيو ويندو ۽ پوءِ ريلوي اسٽيشن کان تابوت بڪنگهم پيلس آندو ويندو.

رپورٽن موجب راڻي جون آخري رسمون 10 ڏينهن کانپوءِ ويسٽ منسٽرابي تي ادا ڪيون وينديون ۽ آخري رسمن وقت ٻن منٽن جي خاموشي اختيار ڪئي ويندي ۽ پوءِ راڻي کي ڪنگ جارج ميموريل چيپل ونڊزر ۾ دفنايو ويندو.

برطانوي ميڊيا موجب راڻي جي آخري رسمن جي ڏينهن قومي موڪل هوندي، راڻي کي دفنائڻ واري ڏينهن لنڊن اسٽاڪ، بئنڪ ۽ سمورا اهم ادارا بند رهندا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.