آفاق احمد ۽ عامر خان قتل ڪيس مان بري

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ هاءِ ڪورٽ قتل ڪيس ۾ سزا خلاف ايم ڪيو ايم حقيقي جي سربراهه آفاق احمد ۽ اڳوڻي اڳواڻ عامر خان جون اپيلون منظور ڪندي ٻنهي کي بري ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

سنڌ هاءِ ڪورٽ آفاق احمد ۽ عامر خان کي متحده قومي موومينٽ جي ڪارڪن جي قتل ڪيس ۾ بري ڪرڻ جو حڪم ڏنو.

عدالت طرفان فيصلو ٻڌائڻ وقت عامر خان ۽ آفاق احمد عدالت ۾ موجود هئا.

ٻنهي تي ايم ڪيو ايم ڪارڪن فاروق جي قتل جو ڪيس 1992 ۾ داخل ڪيو ويو هو، عامر خان ۽ آفاق احمد کي 2010 ۾ عدالت 10-10 قيد جي سزا ٻڌائي هئي

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.