اسرائيلي وزيراعظم پاران فلسطيني صحافڻ جي قتل ۾ ملوث فوجي کي سزا ڏيڻ جي تجويز رد

اسرائيلي وزيراعظم يائر ليپڊ فلسطيني صحافڻ شيرين ابو عاقلا جي قتل ۾ ملوث فوجي اهلڪار کي سزا ڏيڻ واري تجويز رد ڪري ڇڏي آهي.

پرڏيهي خابرو اداري موجب اسرائيل جي وزيراعظم يائر ليپڊ چيو آهي ته پرڏيهي ساراهه خاطر اهلڪار تي ڪيس هلائڻ جي اجازت نه ڏيندس.

يائر ليپڊ چيو ته اسان کي صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ قاعدن تي ڪير به ڊڪٽيٽ نٿو ڪري سگهي.

واضح رهي ته اسرائيلي فوج چيوهو ته شيرين ابو عاقلا حادثاتي طور اسرائيلي فوجي جي گولي جو نشانو بڻي، جنهن تي آمريڪا اسرائيل کان شيرين جي قتل جي ذميوارن تي ڪيس هلائڻ جو مطالبو ڪيو هو.

واضح رهي ته الجزيرا جي عورت صحافڻ شيرين ابو عاقلا يارنهن مئي کي اولهندي ڪناري تي پنهنجي پيشواراڻي ذميوارين جي ادائيگي دوران اسرائيلي فوج جو نشانو بڻي هئي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.