افغانستان خلاف ميچ کٽڻ جي خوشي ۾ هوائي فائرنگ، ٽي ڄڻا مارجي ويا

 

پشاور (ويب ڊيسڪ) پشاور ۾ افغانستان خلاف ميچ کٽڻ جي خوشي ۾ فائرنگ ۾ ٽي ڄڻا مارجي ويا.

پوليس موجب پشاور جي علائقي متني اديزئي ۾ سديس نالي شخص گولي لڳڻ سان ٿڏي تي مارجي ويو، جڏهن ته متني ۾ خيام به هوائي فائرنگ سان حياتي وڃائي ويٺو.

پوليس جو چوڻ آهي ته هوائي فائرنگ جي مختلف واقعن ۾ مارجي ويلن جو انگ ٽي آهي.

پوليس اختيارين موجب دلا زاڪ رود، نوٿيا ۽ ڪوٽلا محسن خان ۾ هوائي فائرنگ ۾ 3 عورتون زخمي ٿي پيون.

پوليس ٻڌايو ته سڄي شهر جي مختلف ٿاڻن جي حدن ۾ هوائي فائرنگ جي رپورٽ ٿي، 41 ڄڻن کي حراست ۾ ورتو ويو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.