آمريڪا پاڪستان کي ايف 16 جهازن جو سامان وڪرو ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي

واشنگٽن ( ويب ڊيسڪ ) آمريڪي پرڏيهي کاتي پاڪستان کي ايف 16 جهازن جي مرمت لاءِ سامان ۽ اوزار وڪرو ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي.

پينٽاگون مان جاري ڪيل بيان موجب آمريڪي پرڏيهي کاتي 45 ڪروڙ ڊالرز معاهدي جي منظوري ڏني آهي، جنهن جو ٺيڪو لاکيڊ مارٽن ڪارپوريشن کي ڏنو ويندو.

آمريڪي اداري يو ايس ڊيفنس سيڪيورٽي کي آپريشن ايجنسي جي هڪ رپورٽ موجب آمريڪي پرڏيهي کاتي طرفان پاڪستاني حڪومت کي هوائي فوج جي ايف 16 جهاز لاءِ لاڳاپيل  اوزار ۽ سامان  وڪرو ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي آهي.

رپورٽ موجب پاڪستان طرفان ايف 16 جهازن جي سسٽيمنٽ ۽ سپورٽ پروگرام لاءِ آمريڪي حڪومت اهو مطالبو ڪيو ويو هو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.