برطانوي راڻي جي حالت ڳڻتي جوڳي، وزيراعظم پاران صحتيابي جي دعا

لنڊن ( ويب ڊيسڪ ) برطانوي راڻي جي طبعيت بگڙجي وئي آهي ۽ ڊاڪٽر سندس صحت بابت ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي.

بڪنگهم پئلس طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته ڊاڪٽرن کي برطانوي راڻي جي طبعيت بابت ڳڻتي آهي کيس ڊاڪٽرن جي نگراني ۾ رهڻ جو مشورو ڏنو ويو آهي.

برطانوي ميڊيا موجب پرنس چارلس ۽ ڪميلا پارڪر به برطانوي راڻي جي عيادت لاءِ پهچي ويا آهن، انکانسواءِ ڊيوڪ ۽ ڊچز آف ڪيمبرج  پرنس وليم ۽ ڪيٽ ميڊلٽن پڻ راڻي جي عيادت لاءِ بالمورال شاهي محل ۾ موجود آهن.

ٻئي پاسي برطانوي وزيراعظم لز ٽرس پاران پڻ راڻي جي صحتيابي دعا گهري وئي آهي.

هوڏانهن  برطانوي پارليامنٽ راڻي جي صحت لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.