هڪ ٻي ڀارتي اداڪارا، نسيم شاهه مان متاثر

 

قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي نوجوان فاسٽ بالر نسيم شاهه جي نه رڳو پاڪستاني پر ڀارتي به تعريف ڪرڻ تي مجبور ٿي پيا آهن.

گذريل ڏينهن کيڏيل اهم ميچ ۾ نسيم شاهه افغان بالر فضل حق فاروقي کي آخري اوور ۾ ٻه ڇڪا هڻي پاڪستان کي ڪاميابي ڏياري ۽ ميچ هڪ وڪيٽ تان کٽي پاڪستان ايشيا ڪپ جي فائنل ۾ پهچي ويو.

نسيم شاهه جي شاندار ڇڪن جا هر پاسي چرچا آهن ۽ هاڻ ڀارتي اداڪارا به پاڪستاني فاسٽ بالر جي تعريف لاءِ ميدان ۾ اچي وئي آهي.

ٽوئيٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ اداڪارا سرڀي جيوتي چيو ته پاڪستان کي يقيني طور هيرو ملي ويو آهي.

اداڪارا پنهنجي ٽوئيٽ ۾ نسيم شاهه جو هيش ٽيگ به استعمال ڪيو.

هڪ ٻئي ٽوئيٽ ۾ سرڀي لکيو ته ايشيا ڪپ ۾ ڇا ٿي رهيو آهي يقين نه پيو اچي.

واضح رهي ته ان کان اڳ ڀارتي اداڪارا اروشي روٽيلا به نسيم شاهه جي وڊيو اسٽوري ۾ پوسٽ ڪئي هئي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.