الله کانپوءِ پاڻ تي يقين هو ته ڪري سگهان ٿو: نسيم شاهه

دبئي ( ويب ڊيسڪ ) ايشيا ڪپ جي سپر فور مرحلي ۾ افغانستان خلاف 130 رنسن جو هدف آخري اوور ۾ ٻن ڇڪن جي مدد سان پورو ڪري پنهنجي ٽيم جي ڪاميابي ۾ ڪارائتو ڪردار ادا ڪندڙ فاسٽ بالر نسيم شاهه چيو آهي ته الله کانسواءِ ڪجهه ناهي ٿيندو، الله تي پورو يقين هو.

ميچ بعد گفتگو دوران نسيم جو چوڻ هو ته الله جو جيترو شڪر ادا ڪيان گهٽ آهي، ڇاڪاڻ تي ان جي ذات کانسواءِ ڪجهه ناهي ٿيندو، مون رڳو ڪوشش ڪئي باقي الله ڪاميابي ڏياري.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.