” اسان ظلم ڪري رهيا آهيون، اهڙين مئچن دوران ماڻهن کي دل جو دورو به پئجي سگهي ٿو“

دبئي ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي آل رائونڊر ۽ نائب ڪپتان شاداب خان پاڪستان جي افغانستان خلاف دلچسپ مقابلي تي ڳالهائيندي چيو ته اسان کي لڳي ٿو ته اسان ماڻهن سان ظلم ڪري رهيا آهيون.

افغانستان کي هارائڻ بعد شاداب خان پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته منهنجي خيال ۾ پاڪستان جون سڀ ميچون دلچسپ ٿي رهيون آهن، مونکي لڳي ٿو ته اسان ماڻهن سان ظلم ڪري رهيا آهيون، ڇاڪاڻ ته ميچ ڏسڻ دوران دل جي دورو جا امڪان وڌي ويندا آهن.

فاسٽ بالر نسيم شاهه جي ڇڪن تي ڳالهائيندي شاداب خان چيو ته نسيم شاهه تي اعتماد هو، جاويد مياندان ۽ شاهد آفريدي جيان نسيم جا ٻه ڇڪا سدائين ياد رکيا ويندا.

آصف ۽ افغان بالر وچ ۾ ڏند چڪ واري معاملي تي شاداب چيو ته سڀني جي ڪوشش هوندي آهي هو پنهنجي ملڪ کي کٽرائڻ اهم ڪردار ادا ڪري، جڏهن ائين ناهي ٿيندو ته آف دي موومنٽ ائين ٿي ويندو آهي، بالر ۽ بيٽر وچ ۾ هيٽ آف دي موومنٽ اهڙا واقعا ٿي ويندا آهن پر اهي معاملا فيلڊ ۾ ئي ختم ٿيڻ گهرجن.

ڀارتي ٽيم جي ايشيا ڪپ مان ٻاهر ٿيڻ تي پاڪستاني رانديگر چيو ته مون اهو نه سوچو هو ته ڀارت ٻاهر ٿي ويندو پر مان ته پنهنجي ٽيم بابت سوچي رهيو هئس، ڀارت سٺي ٽيم آهي ٿي سگهي ٿو دٻاءُ سبب ائين ٿيو هجي.

شاداب خان وڌيڪ چيو ته اسان چيمپيئن ٽيم ناهيون، اسان کي چيمپيئن ٽيم ٿيڻو پوندو ۽ اهڙيون غلطيون نه ورجائڻ گهرجن، جيڪڏهن اسان کي سٺو کيڏڻو آهي ته دٻاءُ واري صورتحال مان نڪرڻ جي صلاحيت هئڻ گهرجي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.