نياڻين جي تعليم جي حوالي سان مسئلن جي حل لاءِ آواز اٿارڻ جو اعلان

ڪراچي( رپورٽر) ڪراچي ۾ نياڻين جي تعليم جي حوالي سان درپيش مسئلن جي حل لاءِ اسمبلي ميمبرن آواز اٿارڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو، سماجي تنظيم عورت فائونڊيشن پاران ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ عورتن جي مسئلن بابت ڪوٺايل هڪ پروگرام ۾ سنڌ اسمبلي جي عورت ميمبرن شرڪت ڪئي، ان موقعي تي مختلف علائقن جي عورتن پنهنجي علائقن ۾ عورتن جي روزگار، شناختي ڪارڊ جي حاصلات توڙي اسڪولن ۾سهولتن جي اڻهوند بابت ايم پي ايز آڏو مسئلا رکيا، جڏهن ته عورت فائونڊيشن جي اڳواڻ ملڪا خان ۽ ثائنه علي مقامي عورتن جي موقف کي اڳتي وڌائيندي چيو ته هن پروگرام جو مطلب اهو ئي آهي ته سڌي عورتن جي مسئلن کي عوامي نمائندن آڏو رکي سگهجن، ڪميونٽي توڙي چونڊيل نمائندن جي وچ ۾ اسين پل جو ڪردار ادا ڪريون ٿا، ان موقعي تي سنڌ اسمبلي جي پي ٽي آءِ سان تعلق رکندڙ ميمبر اديبا حسن چيو ته عورتن جا کوڙ مسئلا آهن، انهن جي حوالي سان …

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.