ماحولياتي تبديلي ۽ ڪرپٽ ڪامورن جو شڪار بڻيل سنڌ!

آصف ٿيٻو

"Disasters are not natural”

جرمني ۾ گڏيل قومن جي يونيورسٽيءَ ۾ ماحولياتي تبديلين جي موضوع تي ڪم ڪندڙ زيٽا سبسوري جو چوڻ آھي ته  آفتون قدرتي ناھن ھونديون، قدرتي آفتن ۾ اسانجي عملن جي حصيداري ھوندي آھي. ھن جو چوڻ آھي ته وڌيڪ ٻارڻ جي استعمال سبب دنيا جي تقريبن ھر حصي ۾ وڌندڙ گرمي جي لھر ۾ اضافو، خشڪي، جهنگلن کي باھيون لڳڻ جا حادثا ٿين ٿا. گرم ھوائن جون لھرون 30 ڀيرا وڌيڪ ماحولياتي تبديلي تي اثرانداز ٿين ٿيون. سائنسي ۽ معاشي ماھر جو چوڻ آھي ته انھن قدرتي آفتن کان بچي سگھجي ٿو. پاڪستان جي موجوده معاشي حالتن کي نظر ۾ رکندي ۽ سائنسي دليلن جي روشني ۾ پوليٽيڪل ول واحد حل ھوندو آھي ته نيٺ ڪرڻو ڇا آھي. انتظامي نااھلي، غير سائنسي ۽ مدي خارج پاليسيون خراب نتيجا ڏينديون آھن. ملڪ جو ٽي حصا پاڻي ھيٺ آھي،انتظامي ناھلي اھا آھي ته بندن جي مرمت لاءِ  حڪومت وٽ مشينيون ناھن.  اڄڪلهھ سڄي دنيا ۾ ماحولياتي تبديلي جو موضوع تمام گھڻي اھميت رکي ٿو. اڪيڊمڪ حوالي سان به دنيا ڀر جي تحقيقي ادارن ۾ ان موضوع تي تحقيق ٿي رھي آھي ته ايندڙ وقت ۾ اڳواٽ قدرتي آفتن کان ڪيئن بچي سگھجي ٿو. ان حوالي سان ماحولياتي حوالي ۾ ٿيندڙ تبديلين کي سمجھڻ نھايت ضروري آھي.

ماحولياتي تبديلي جي لاھن چاڙھن ۾ موسمي تبديليون ۽ سمنڊ ۾ ٿيندڙ تبديلي به اثر انداز ٿئي ٿي. ماحولياتي تبديلي جي ماھر جو چوڻ آھي ته اپريل جي گرم ھوائن جي ڪري مون سون جي برساتن ۾ وڌيڪ تيزي آئي، ماھرن جو چوڻ آھي ته دنيا ۾ اڳواٽ ماحولياتي تبديلي جي خطرن کان بچڻ لاءِ  اپاءُ وٺڻ لازمي ھوندو آھي، متبادل توانائي جا ذريعا نه ھجڻ  ۽ ماحولياتي آلودگي قدرتي آفتن جو ھڪ وڏو سبب آھي،جنھن جي ڪري قدرتي آفتون خطي ۾ تباھي جو باعث بڻجن ٿيون. گذريل اٺن ھفتن کان پيل مون سون جي برساتن سبب ملڪ ۾ ھڪ ھزار ماڻھو زندگي جي جنگ ھارائي ويٺا آھن. ٻين صوبن جي ڀيٽ ۾ سنڌ ۾ 347 جانيون ضايع ٿيون آھن، جڏھن ته ملڪي سطح تي تيرنھن سو کان وڌيڪ ماڻھو اجل جو شڪار ٿيا آھن، ان کان سواء لکين ماڻھو بي گھر ٿيا. پي ايم ڊي ( پاڪستان ميٽرولاجيڪل ڊپارٽمينٽ) مطابق پاڪستان ۾ ٽيھن سالن جي عرصي ۾ ايتري برسات ناھي پئي جيتري جولاءِ  ۽ آگسٽ جي مھيني ۾ پئي آھي،جيڪا عام طور تي پيل برسات کان 208 سيڪڙو وڌيڪ آھي. جنھن ۾ سنڌ سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿي آھي.

عام طرح سان مون سون جو سائيڪل ٽي کان چار ھفتا ھوندو آھي، پر ھن ڀيري اٺن ھفتن تائين جاري رھيو. وفاقي ۽ صوبائي حڪومت جي غير سنجيدگي جي حد اھا آھي ته ايڏي وڏي تباھي کان پوءِ به پبلڪ سيڪٽر جي ترقياتي ڪمن ۽ غير رٿابندي واري عمل کي قبولڻ لاءِ  ڪير به تيار ناھي.!! جنھن جي ڪري 30 ملين ماڻھو بي گھر ٿيا آھن. ڏٺو وڃي ته 2022 جي ٻوڏ دائري ۽ پکيڙ ۾ 2010 جي وڏي ٻوڏ کان به وڌيڪ آھي. مون سون جي برساتن گلگت بلتستان ۽ ڪي پي ڪي کان وٺي سنڌ، ڏکڻ پنجاب ۽ بلوچستان تائين ملڪ جي سمورن علائقن ۾ بي مثال تباھي مچائي ڇڏي آھي. تباھي جو سبب اھو آھي ته اسان دريا جي قدرتي وھڪرن جا رستا مٽائي ڇڏيا آھن. درياھن جي ڪنارن ۽ لنگھن تي وڏي ايراضي تي پڻ حددخليون ڪيون آھن.

موسمياتي ماھر علي توقير شيخ لکيو آھي ته دريا جو پاڻي صرف پنھنجي رستي جي حق جي دعوي ڪري رھيو آھي. انفرااسٽرڪچر ۽ آبادي جون ملڪيتون جن ۾ 2010 جي وڏي ٻوڏ کان پوء پيدا ٿيل ملڪيتون غير منصوبابندي تحت ڪيون ويون،مثال طور بلوچستان ۾ 11 ننڍا ڊيم ڊھي پيا آھن جن وڏي پيماني تي تباھي مچائي ڇڏي. ان مان صاف ظاھر آھي ته، ڪرپٽ ڪامورا شاھي ۽ حڪومتي نمائندن 2010 جي وڏي ٻوڏ کان پوء ڪو سبق حاصل نه ڪيو. ڪنھن به قسم جا زرعي سڌارا نه آندا نه ئي واھن شاخن، ڪئنالن جي کوٽائي ڪرائي، اربين روپين جي بجيٽ ھجڻ باوجود ڪنھن به قسم جي منصوبابندي نه ھجڻ ڪري وري ھڪ ڏھاڪي کان پوء ماڻھن کي ھٿ وٺي ٻوڙيو ويو آھي. جنھن جي ڪري ھن سال انفرااسٽرڪچر جي تباھي سبب 11 ارب ڊالرن جو نقصان پڻ ٿيو آھي، جيڪو جي ڊي پي جو 3 سيڪڙو آھي. جڏھن ته 2010 جي ٻوڏ ۾ 9.5.10 بلين ڊالرن جو نقصان ٿيو ھو.

اسان جي ماڻھن جو وڏي ۾ وڏو مسئلو اھو آھي ته اسان بغير ڪنھن بنيادي ڍانچي،انفرااسٽرڪچر جي زندگي گذاريندا آھيون. اسان جي قوم جي ماڻھن کي پنھنجن بنيادي حقن تي لڳل ڌاڙو نظر ناھي ايندو،ان تي احتجاج ناھيون ڪندا. ڪوششون ناھيون وٺندا،باقي پاڻي جي وارن تي ھڪٻئي کي ڌمڪيون ڏينداسين، جھيڙو ڪنداسين باقي جن  ڪرپٽ ڪامورن جي ڪري پوري سنڌ ٻڏي آھي انھن ڪامورن ۽ حڪمرانن جو احتساب ڪونه ڪنداسين.انھن کان امداد وٺي وري ماٺ ڪري ويھي رھنداسين.جيستائين اسان جو ھر ھڪ ماڻھو انھن ڪرپٽ ڪامورن وڏيرن کي قومي احتساب جي دائري ۾ نٿو آڻي، تيستائين تباھي ۽ بربادي سنڌين جو مقدر رھندي. اسان سنڌي قوم جي حيثيت ۾ جيستائين احتساب جي عمل مان نه گذرنداسين، جيستائين ڪرپٽ سياستدانن چونڊيل نمائندن جو دائرو تنگ نه ڪنداسين، تيستائين اھي اسان کي ٻوڙيندا رھندا.

پبلڪ سيڪٽر جي ناڪاره رٿابندي ان ڳالھ جو ثبوت آھي ته سنڌ ٻڏي رھي آھي،ماڻھو دربدر ٿي رھيا آھن،ڳوٺ،شھر بغير رٿابندي ھجڻ جي ڪري تباھ ٿيا آھن. اين ڊي ايم اي جي انگن اکرن مطابق 33 ملين کان وڌيڪ ماڻھو، آبادي جو 15 سيڪڙو ماڻھو متاثر ٿيا آھن. ملڪي سطح تي تقريبن 80 ضلعا متاثر ٿيا آھن. جڏھن ته 50،000 ھم چورس ڪلو ميٽر تائين رستا ٻڏل آھن. وڏي وزير جي زرعي شعبي جي صلاحڪار منظور وساڻ جي مطابق برساتن سبب ڪپھه ۽ سارين جي فصلن کي 347 بلين جو نقصان ٿيوآھي. ان جي باوجود حڪمران ٽولو ايتري بي حسي جو مظاھرو ڪري رھيو آھي، عوامي جانين جي کيس ڪا پراوھ ناھي،ماڻھن جا وسيلا روزگار سڀ ڪجھه تباھ ٿي ويو آھي، ايمرجنسي واري ھن خراب صورتحال کي منھن ڏيڻ لاءِ  حڪومت کي سنجيدگي جو مظاھرو ڪرڻ کپي،ايندڙ وقت ۾ قدرتي آفتن کان اڳواٽ بچاءُ جا اپاءَ وٺڻ گھرجن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.