نيوسعيد آباد جي متاثر ماڻهن جي واهر ڪير ڪندو

مشتاق راهو

نيوسعيدآباد شهر سميت ان جي ٻھراڙين وارن علائقن ۾ برساتي ٻوڏ واري پاڻي سڄي تعلقي کي تباهيءَ جي ڪناري تي پهچائي ڇڏيو آهي، لکين متاثر ٿيل ماڻهو پنهنجا گهر ڇڏي روڊن ۽ رستن تي ننڌڻڪائيءَ واري زندگي گذارڻ جي مجبور آهن، روڊن ۽ رستن تي ويٺل ٻوڏ متاثر ماڻهن جي اڃا تائين ضلعي انتظاميا توڙي ڪنهن به چونڊيل نمائندي سار ناهي لڌي ۽ نه ئي ڪنهن هڪ به متاثر ماڻهو کي اڃا تائين ڪو رليف ملي سگهيو آهي، روڊن تي ويٺل متاثر ماڻهو پنهنجي مدد پاڻ تحت پنهنجا گهر ڇڏي روڊن ۽ رستن تي مجبوري ۽ لاچاري واري زندگي گذارڻ لڳا آهن.

هڪ سروي موجب نيو سعيدآباد جي علائقن اڳرو راهو، پنجمورو، هالا برنچ، بکر جمالي، زير پير، بيگو ڪاڪا، ڀليڏنو ڪاڪا، اڇي مسجد، راهو عثمان، راهو لاکو، ساند  رمضان انڙ،  رمضان  خاصخيلي، ملوڪ خاصخيلي، امين لاکو، الله بخش ٻلال سميت پراڻي سعيد آباد هن وقت تائين مڪمل طور تي پاڻي هيٺ آهي، انهن علائقن مان پاڻي نيڪال جو ڪو به بندوبست ناهي ڪيو ويو، جڏهن ته ڄاڻايل ڳوٺن ۾ مسڪين ماڻهن جا سمورا ڪچا گهر به ڊهي پٽ پئجي ويا آهن ۽ اتان جا فصل به مڪمل طور تي ختم ٿي چڪا آهن، کاڌ خوراڪ لاءِ به ماڻهو هن وقت سخت پريشاني جو شڪار آهن.

ملڪ ۾ وڌندڙ مهانگائي ۽ بيروزگاري سبب سنڌ جا ماڻهو اڳ ۾ سخت پريشاني جو شڪار هئا، ٻه ويلا ماني کارائڻ ۽ اسڪولن جو خرچ ڀرڻ به ماڻهن لاءِ مشڪل بڻيل هو، ويتر هن برسات جي صورت ۾ آيل مصيبت ماڻهن کي بکون ماري ڇڏيو آهي، سعيد آباد ۾ مالڪي نه ٿيڻ ڪري برسات متاثرن جي اهنجن ۾ اضافو وڌي وڃڻ ڪري اهي سخت مشڪلاتن کي منهن ڏئي رهيا آهن، جيتوڻيڪ هي متاثر رڙيون ۽ دانهون ڪري رهيا آهن، پر هنن مسڪين متاثرين جي دانهن ٻڌڻ وارو ڪير به ناهي. ڊي سي مٽياري طرفان به امدادي سامان، راشن، ٽينٽ يا مڇردانيون متاثرين بدران منپسند ماڻهن کي ڏنيون پيون وڃن ۽ اصل متاثر ماڻهو انهن سڀئي شين مان مڪمل طور تي محروم بڻيل آهن، تعلقي انتظاميه جي به ساڳئي حالت برقرار آهي، امداد لاءِ هٿ ڊگها ڪندڙ برسات متاثرين کي پوليس گهرائي لٺيون هڻي اي سي آفيس جا دروازا متاثرين لاءِ بند ڪري منپسند ماڻهن کي ٽينٽ مڇردانيون ۽ راشن ڏنو پيو وڃي.

سعيد آباد ۾ برساتي ٻوڏ دوران هزارين ايڪڙن تي بيٺل فصلن کي پڻ سخت نقصان پهتو آهي، آبادگارن ۽ هارين وڏا وڏا قرض کڻي فصل پوکيو هو، جيڪو برساتي پاڻي بيهڻ ڪري سڙي ڳري ختم ٿي ويو آهي، جنهن ڪري هي ماڻهو هاڻي ڪيترن ئي سالن تائين پنهنجن پيرن تي بيهي نه سگهندا، قرض واري رقم لاهيندي لاهيندي کين سڌو ٿيڻ تائين ڪيترائي سال لڳي ويندا، حڪمرانن جي بي حسي ۽ متاثرن جي مدد نه ڪرڻ سبب نيوسعيد آباد جا ماڻهو هن وقت سخت معاشي مشڪلاتن جو شڪار ٿي ويا آهن، سندن گهرن ۽ فصلن ۾ پاڻي بيهي رهيو، پر اهو پاڻي ڪڍرائڻ لاءِ ڪي به انتظام نه ڪيا ويا، جنهن ڪري فصل سڙي وڃڻ ڪري آبادگارن ۽ هارين کي تمام وڏو نقصان ٿيو آهي. هتان جي آبادگارن ۽ هارين جي مٿي تي هٿ اچي ويا آهن، پر ڪير به کين آٿت ڏيڻ وارو ناهي.

ٻئي طرف اتر سنڌ جي متاثر علائقن مان پڻ ڪيترائي ٻوڏ متاثر ماڻهو نيوسعيد آباد پهتل آهن، اهي پڻ پنهنجن ٻچن سميت روڊن تي ويهي بکن ۾ پاهه ٿي رهيا آهن، مجال جو ضلعي يا تعلقي انتظاميا اهڙن ماڻهن جي رهائش يا کاڌي پتي جو ڪو بندوبست ڪيو هجي، رڳو چڪر لڳائي فوٽو سيشن ڪرائي ڄڻ سندن ڪم ختم ٿي وڃي ٿو، ماڻهن جي عملي طور تي مدد ڪرڻ لاءِ ڪير به تيار ناهي، جنهن ڪري هي ماڻهو بيماري ۾ وڪوڙي ويندا ۽ ڪو انساني علميو جنم وٺي سگهي ٿو، تنهن ڪري روڊن تي ويٺل متاثر جي فوري طور تي واهر ڪري سندن مدد ڪرڻ گهرجي.

انتظاميا جي لاپرواهي سبب ٻوڏ متاثرن کي ٽينٽ نه ملڻ ۽ گهرن ۾ بيٺل پاڻي نيڪال نه ٿيڻ خلاف صدام راهو جي اڳواڻي ۾ نيشنل هاءِ وي تي ڌرڻو ٽائرن کي باهه ڏني وئي. متاثر ماڻهو ڊي سي مٽياري خلاف نعريبازي ڪندي چيو ته اي سي نيو سعيدآباد طرفان ٻوڏ متاثرن لاءِ آيل امدادي سامان متاثرن بدران منپسند ماڻهن حوالي ٿي رهيو آهي، متاثر ماڻهو کليل آسمان هيٺ روڊن رستن تي ويٺل آهن، چونڊيل ڪنهن جي به سار نه لڌي آهي.

سعيد آباد جا برسات متاثر ماڻهو ھن وقت بکون ڪاٽي رهيا آهن، تعلقي جي ماڻهو هن وقت بيوس ۽ لاچار بڻيل هنن ڌرتي جي ڌڻين جو هن ڏکئي وقت ۾ ڪوبه والي وارث نه ٿي رهيو آهي، سعيد آباد جا متاثر رهواسي هن وقت گهر ڪري رهيا آهن ته سندن ڳوٺن ۽ گهرن مان فوري طور تي برساتي ٻوڏ وارو پاڻي نيڪال ڪرائي کين ٻيهر پنهنجن علائقن ۾ آباد ٿيڻ تائين سندن مدد ڪئي وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.