پيرڳوٺ ۾ امدادي سامان جي ورهاست تان پوليس ۽ شهرين ۾ ڇڪتاڻ

پيرجوڳوٺ (رپورٽ: علي گل جوڻيجو  )  پيرجوڳوٺ جي روينيو ريسٽ هائوس ۾  قائم ٿيل برسات متاثرن لاء قائم ڪيل ٽينٽ سٽي ڪئمپ تي راشن سان ڀريل 4 ٽرڪ پهتا جي متاثر سامان وٺڻ لاء ڪيترائي ڪلاڪ انتظار ڪرڻ بعد متاثرن مڇرجي ٽرڪ مان سامان لاهي کڻي ويا بعد ۾ اسسٽنٽ ڪمشنر ڪنگري جي هدايت تي سامان سان ڀريل 3ٽرڪ حفاظت لاءِ پيرجوڳوٺ ٿاڻي تي بيهاريا ويا اهڙي کڙڪ پوڻ تي سوين برسات۽  ٻوڏ متاثرن  ٿاڻي تي پهچي بيٺل ٽرڪن مان پاڻمرادو راشن ڦرڻ جي ڪوشش ڪئي پيرجوڳوٺ  پوليس متاثرن کي ڇڙو وڇڙ ڪرڻ لاء هوائي فائرنگ ۽ آنسو گيس جا شيل فائر ڪيا ۽ پوليس 10 کان وڌيڪ ماڻهن کي گرفتار ڪري سندن جي قبضي مان  راشن جا ٿيلها پڻ هٿ ڪيا ويا آهن .  ان سلسلي ۾ ٻوڏ متاثرن جو چوڻ آهي ته پوليس، اسسٽنٽ ڪمشنر ڪنگري، مختيار ڪار ڪنگري ۽ ٻيا من پسند ۽ سياسي ماڻهن کي سامان ڏئي رهيا هئا اسان پهتاسين ته اسان مٿان هوائي فائرنگ ڪئي وئي ۽ آنسو گیس هلايو ويو. هنن چيو ته ايندڙ سامان من پسند ماڻهن کي سامان ڏئي اسان سان ناحق ڪيو پيو وڃي. ٻئي طرف پوليس جو چوڻ آهي ته ٻوڏ متاثرن لاء آيل سامان بچاء بندن تي پهچايو ويو ته ڪجهه ماڻهن ڊاٽسن کي روڪي سامان ڦر لٽ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.