توشا خانا ريفرنس اليڪشن ڪميشن جي دائري ۾ ئي ناهي: عمران جو جواب

اسلام آباد ( م ڊ ) پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان اليڪشن ڪميشن ۾ توشا خانا ڪيس بابت جمع ڪرائي ڇڏيو آهي. عمران خان طرفان اليڪشن ڪميشن ۾ جمع ڪرايل جواب ۾ چيو ويو آهي ته سندس خلاف توشا خانا ريفرنس بنا سبب ۽ بي بنياد آهي، درخواستگذار ۽ اسپيڪر جو ريفرنس بدنيتي تي ٻڌل آهي ۽ سياسي مقصدن لاءِ ڪيس ٺاهيو ويو آهي، توشا خانا ريفرنس اختيارن جو ناجائز استعمال ۽ آئيني اختيارن جي توهين آهي. پي ٽي آءِ چيئرمين جو چوڻ آهي ته ريفرنس اليڪشن ڪميشن ڏانهن موڪلڻ ئي غيرقانوني آهي، ريفرنس اليڪشن ڪميشن جي اختيارن واري دائري ۾ آهي نه ئي اتي ٻڌڻي جوڳو آهي، توشا خانا تحفن کي اثاثن ۾ ڪڏهن ناهي لڪايو، سمورا الزام رد ڪيان ٿو. هن پنهنجي جواب ۾ وڌيڪ چيو ته اليڪشن ڪميشن ايڪٽ بابت سيڪشن 137 تحت نااهلي يا ڏنڊ جو سوال ئي پيدا نٿو ٿئي، اليڪشن ڪميشن 63 ٽو تحت ريفرنس جو تعين نٿي ڪري سگهي، اثاثن جا تفصيل غلط هئڻ تي اليڪشن ڪميشن 120 ڏينهن اندر ڪارروائي ڪري سگهي ٿي، ان ڪيس تي هاڻي ڪارروائي نٿي ٿي سگهي.جواب ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته سپريم ڪورٽ موجب اليڪشن ڪميشن رڪن کي 62 ون ايف تحت نااهل نٿي ڪري سگهي، اليڪشن ڪميشن عدالت ناهي، اِها 62 ون ايف تحت ڪو به فيصلو نٿي ڪري سگهي .03

پشاور جلسي ۾ سرڪاري وسيلن جي استعمال تي عمران خان کي نوٽيس

پشاور ( م ڊ ) پشاور جلسي ۾ سرڪاري وسيلن جي استعمال تي عمران خان کي نوٽيس جاري ڪيو ويو آهي. اين اي 31 پشاور جي ننڍي چونڊ جي ڊسٽرڪٽ مانيٽرنگ آفيسر عمران خان کي نوَ سپٽمبر تي طلب ڪري ورتو آهي. کيس ذاتي حيثيت ۾ يا وڪيل ذريعي جواب جمع ڪرائڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي. ڊي ايم او طرفان جلسي ۾ شرڪت ڪندڙ ڪي پي جي وڏي وزير محمود خان، ناڻي واري وزير تيمور جگهڙا، ماحوليات واري وزير اشتياق ارمڙ، صوبائي وزير شوڪت يوسفزئي، ڪامران بنگش، انور زيب، محمد اقبال، وڏي وزير جي صلاحڪار خليق الرحمان، خاص مددگار وزير زادا کي پڻ نوٽيس جاري ڪيا ويا آهن.03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.