ڪراچي ۾ ڦورو راڄ ڏسي رهيا آهيون: سينيٽر عبدالحسيب

ڪراچي(رپورٽر) ڪراچي ووڪيشنل ٽريننگ سينٽر جي سربراهه سينيٽر عبدالحسيب خان چيو آهي ته اسٽريٽ ڪرائيم معاشري لاءِ ناسور بڻجي ويو آهي، جنهن کي روڪڻ ۾ حڪومت ناڪام ٿي چڪي آهي، عام ماڻهو خوف سبب ڦورن جي مزاحمت يا مقابلو نه ٿا ڪري سگهن، ڇاڪاڻ ته انهن وٽ تربيت ناهي، ڪراچي ووڪيشنل ٽريننگ سينٽر ۾ موجود جوڊو ڪراٽي جي تربيت ورتل شاگرد ياسر  ممتاز نه صرف ڦورن سان مقابلو ڪيو پر پنهنجي والده ۽ پنهنجي ڀيڻ کي به بچائي ورتو،اهڙو اظهار هن ڪالهه ڪراچي پريس ڪلب ۾ ڦورن سان مقابلو ڪندڙ اسپيشل شاگرد ياسر ممتاز، سندس والده، استاد ثمينه ۽ ٻين سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي ڪيو، سينيٽر عبدالحسيب وڌيڪ چيو ته ڪراچي جي حالتن لاءِ فڪرمند آهيون، سياستدانن پنهنجي ويڙهه ۽ ٻاراڻيون حرڪتون بند نه ڪيو ته روڊن تي خون وهندي ڏسي رهيو آهيان. هن چيو ته صرف 6 ڏينهن ۾ ڦورن 10 ماڻهو ماريا هڪ واپاري کي زال ۽ ٻارن سامهون مزاحمت تي ماري ڇڏيو، حڪمرانن کي عوام جو نه پر پنهنجي اقتدار جو فڪر آهي،

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.