سجاول ۾ زرعي زمينن کي پاڻي نه ڏيڻ تي آبپاشي کاتي کان جواب طلب

ڪراچي ( رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ سجاول جي ڳوٺ ۾ زرعي زمينن کي پاڻي نه ڏيڻ خلاف داخل درخواست تي آبپاشي کاتي کان 6 هفتن ۾ جواب طلب ڪري ورتو آهي. جسٽس سيد حسن اظهر رضوي جي سربراهيءَ ۾ ٻهرڪني بئنچ سجاول ڳوٺ ۾ زرعي زمين کي پاڻي نه ڏيڻ خلاف الله جوديو جتوئي جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي. ٻڌڻي دوران جسٽس سيد حسن اظهر رضوي درخواستگذار جي وڪيل کي چيو ته الله هاڻي پاڻي ڏئي رهيو آهي، وڪيل صاحب، جنهن تي ڌڻي بخش اوٺو ايڊووڪيٽ چيو ته هي زمينن کي پاڻي ڏيڻ وارن جي بدانتظامي آهي،

هي پاڻي عارضي آهي، اسان کي مستقل پاڻي گهرجي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.