شھدادڪوٽ ڀرسان برساتي پاڻي جا ڇنڊا لڳڻ تان نوجوان قتل، 6 ڄڻا زخمي

شھدادڪوٽ ( رپورٽ: ثمر رفيق ڀٽي ) ٻوڏ متاثر تعلقي قبوسعيد خان جي ڳوٺ محمد حسن کوسي ۾ موٽر سائيڪل کي پاڻي لڳڻ واري معاملي تان کوسا برادري جي ٻن ڌرين ۾ جھيڙو ٿي پيو جنهن دوران لٺيون لڳڻ ڪري 22 ورھين جو نوجوان شعيب کوسو سخت زخمي ٿي پيو جنهن کي وارث لاڙڪاڻي کڻائي ويا جتي ھن دم ڏئي ڇڏيو، ٻڌايو ٿو وڃي ته ھڪ ڌر جي نوجوان جي موٽر سائيڪل کي برسات جو گندو پاڻي لڳو جنهن تان ڌرين ۾ منهن ماري بعد جھيڙو ٿي پيو، لٺيون ۽ سروٽا لڳڻ ڪري ٻنهي ڌرين جا 7 ڄڻا زخمي ٿي پيا جن مان نوجوان شعيب کوسو فوت ٿي ويو، آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل ٿي نه سگھيو ھو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.