سکرڊويزن ۾ ڊي سيز کان امدادي سامان ورهائڻ جو اختيار واپس

ڪراچي(رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ جي حڪم کانپوءِ ڪمشنر سکر، خيرپور /گهوٽڪي ۽ سکر ضلعن ۾ ڪميٽيز ٺاهڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو.ڊپٽي ڪمشنرز کان امدادي سامان ورهائڻ جو اختيار کسيو ويو آهي.ڪمشنر سکر جي نوٽيفڪيشن موجب تعلقي سطح تي ڪميٽي هن ريت ٺاهي ويندي لاڳاپيل تعلقي جو سول جج _هيڊ ،لاڳاپيل تعلقي جو ميڊيڪل سپريڊنٽ ميمبر،لاڳاپيل تعلقي جو مختيارڪار ميمبر،.ڊپٽي ڊائريڪٽر پي ڊي ايم اي ميمبر صدر تعلقا بارميمبر هوندا،ڪميٽي تعلقي سطح تي ٽينٽ سٽي ٺاھڻ جي پابند هوندي جنهن ۾ کاڌي پيتي، صحت، ويم گهر سميت سموريون بنيادي سهولتون موجود هونديون. ڪميٽي متاثرن کي صاف پاڻي، صحت مند غذا، باٿ رومز سميت امدادي سامان جو غلط استعمال ڪرڻ وارن تي به نظر رکندي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.