سعودي عرب ۾ ايندڙ ڪجهه مهينن ۾ عورتون ريل گاڏي هلائينديون

رياض(م ڊ) سعودي عرب ۾ ايندڙ ڪجهه مهينن دوران حرمين ايڪسپريس کي تربيت يافته سعودي عرب جون عورتون هلائينديون. سعودي نشرياتي اداري مطابق ٽرانسپورٽ واري سعودي عرب جي وزير ٻڌايو آهي، ته سعودي عرب جون عورتون سمورن شعبن ۾ پنهنجي صلاحيتن جا جوهر ڏيکارڻ چاهين ٿيون ۽ تقريبن هر ميدان ۾ عورتن جي شرڪت ۾ اضافو ٿي رهيو آهي.عورتون جلد اهڙن عهدن تي ڪم ڪنديون جتي اڃا تائين مردن جي هڪ هٽي رهي آهي. هن ٻايو ته باصلاحيت عورتون جلد حرمين ٽرين هلائينديون، صنعت، سياحت، حج ۽ عمري کان علاوه مختلف شعبن م به وڏي پئماني تي عورتون ڪم ڪندي نظر اينديون

گڏيل عرب امارات مان ٻه امدادي اڏامون ڪراچي پهچي ويون

اسلام آباد (م ڊ) پاڪستان جي ٻوڏ سٽيلن جي لاءِ گڏيل عرب امارات مان ٻه امدادي اڏامو0ن راچي پهچي ويون. ڪالهه اربع ڏينهن پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب اهي جهاز ورلڊ فوڊ پروگرام پاران انساني امداد جو سامان کڻي جناح انٽرنيشنل ايئرپورٽ تي لٿا.اڏامن جو استقبال گڏيل عرب امارات جي قونصليٽ، يو اي اي ريڊ ڪريسنٽ ۽ پرڏيهي وزارت جي نمائندن ڪيو. ترجمان چيو ته پاڪستان ان سنگين بحران جي گهڙيءَ م تعاون ۽ يڪجهتي جو مظاهرو ڪرڻ تي ورلڊ فوڊ پروگرام جو ٿورائتو آهي

سنڌ ۾ سڀاڻي کان ٽن ڏينهن لاءِ سي اين جي بند

ڪراچي ( رپورٽر ) ڪراچي سميت سڄي سنڌ ۾ ٽن ڏينهن لاءِ سي اين جي بند ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. گئس جي بندش جو اعلان سوئي سدرن گئس ڪمپني طرفان ڪيو ويو آهي. سوئي سدرن گئس ڪمپني موجب سنڌ ۾ 9 کان 12 سپٽمبر تائين 72 ڪلاڪن لاءِ سي اين جي بند رهندي. 03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.