سيٺارجا ۾ پاڻي نيڪال نه ٿيو، ٽئين ڏينهن به احتجاج

سيٺارجا (ن ع آ) سيٺارجا جي مختلف علائقن جي 20 کان وڌيڪ ڳوٺ پاڻي هيٺ اچڻ ڪري زندگي جو ڪاروهنوار ٺپ ٿي ويو آهي علائقي  اندر پاڻي نيڪال نه ٿيڻ خلاف ڳوٺاڻن ۽ علائقي واسين پاران ٽائون ڪاميٽي گيٽ سامهون ٽئين ڏينهن به احتجاجي ڪئمپ جاري رهي ان موقعي تي فنڪشنل لگ ,ايم ڊبليو ايم , پي ٽي آء سميت سياسي سماجي اڳواڻن وسيم رضا لنڊ, سعد الله سهتو, نظير احمد ملاح سميت ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو ان موقعي تي هنن صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته سنڌ حڪومت جي چونڊيل نمائندن جي نااهلي اها آهي ته هن قيامت جهڙي برسات ٻوڏ ۾ عوام کي اڪيلو ڇڏي پاڻ ايئرڪنڊيشن بنگلن ۾ آرامي بڻيل آهن هتان جو عوام  ٻوڏ جي پاڻي ۾ مري پيو پر انهن وٽ هن وقت تائين ڪير به لڙي نه آيو آهي ڳوٺن جا ڳوٺ پاڻي هيٺ آهن انهن سان گهر تباه ٿي ويا آهن گهرن ۾ پيل اناج سميت ٻيون کاڌي پيتي جون شيون پاڻي ۾ لڙهي ويون آهن پر انهن جي ضلعي انتظاميه سميت تڪ چونڊيل نمائندن سار ناهي لڌي هنن چيو ته ڳوٺن سميت علائقي مان پاڻي جلد نيڪال نه ڪيو ويو ته وڌيڪ سخت احتجاج ڪيو ويندو .

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.