ڏوڪري ۾ پورهيت جو برسات ۾ گهر ڊهي پيو، احتجاج

ڏوڪري ( ن ع آ ) ڏوڪري ڀرسان ڳوٺ دڙا جي رهواسي پورهيت محرم جوڻيجو جي تيز برساتن سبب گهر مڪمل ڪري ڊهي پٽ پئجي ويو آهي، ان موقعي تي پورهيت محرم علي جوڻيجو ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته مان انتهائي غريب مسڪين آهيان منهنجي رهڻ جي جڳهه ڊهي پٽ پئجي وئي آهي، هن چيو  ته مون کي 8 معصوم ٻارڙا آهن گهر جو اڪيلو ڪمائڻ وارو آهيان، هن چيو ته ٻه ويلا کائڻ لاءِ پريشان آهيان،  ڊي سي لاڙڪاڻو، اسسٽنٽ ڪمشنر ڏوڪري ۽ ٻين وس وارن کان مطالبو ڪيو ته منهنجي گهر جي جڳهه ٺهرائي ڏني وڃي ۽ منهنجي مالي سهائتا ڪئي وڃي ته جيئن مان پنهنجي معصوم ٻارڙن جو گذر سفر ڪري سگهان

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.