قمبر ۾ ڳوٺاڻن جو پاڪ ڪتاب کڻي نينگر سان بدفعلي خلاف ڌرڻو

قمبر (ن ع آ) قمبر جي ڳوٺ گهٽهڙ جي رهواسين  عورتن مردن معصوم ٻارڙن سميت پاڪ ڪتاب کڻي پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ان موقعي تي ڳوٺاڻن يونس خاصخيلي، محمد قاسم، علي خان، محمد خان خاصخيلي، عورتن اربيلي خاتون، نظيران،رخسانا پاڪ ڪتاب کڻي دانهيندي چيو ته اسان جي معصوم پٽ يونس سان ڳوٺ جي مولوي محمد خان پنهور زيادتي ڪئي جنهن جي دانهن جماعت جي اڳواڻن کي ڏني پر اسان سان انصاف نه ٿيو ويتر ڏاڍ ڪري اسان جي گهرن ۾ ڪاهه ڪري بااثرن عبدالقادر خاصخيلي،گل محمد،علي شير،حميد خاصخيلي،جبار، وحيد خاصخيلي ۽ ٻين اسان کي ۽ عورتن کي ڏنڊا سرون هڻي شديد زخمي ڪري ويا جنهن دانهن حد جي ٿاڻي ڏني پر پوليس ۽ ڊاڪٽرن ڳري رشوت اسان جو ڪيس لوڙهي ڇڏيو جيڪو سراسر ظلم آهي هنن ايس ايس پي قمبر شهدادڪوٽ ڊي آئي جي لاڙڪاڻو ۽ وس وارن کي اپيل ڪئي ته نوٽيس انصاف ڏياريو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.