عمرڪوٽ ڀرسان ڪرنٽ لڳڻ سبب عورت سميت 2 ڄڻا فوت

عمرڪوٽ (ڊ ر)عمرڪوٽ ڀرسان ڳوٺ ويھرو شريف ۾ درگاھ ميان جان محمد ويجھو بجلي جو ڪرنٽ لڳڻ سبب 50 ورهين جو عارب پلي پٽ  يعقوب، 20 سالا نازيه ڌي اسماعيل سميجو بجلي جو ڪرنٽ لڳڻ سبب تڏي تي فوت جڏهن 30 سالا شبيران بجلي جو ڪرنٽ لڳڻ ڪري سخت زخمي ٿي پئي پيش آيل ڏکويندڙ حادثي بابت وارثن موجب نازيه ڌي اسماعيل گهر جي ڇت گارو ڪري رهي هئي گهر جي ڇت مٿان يارهين هزار ولٽ جي گذرندر تار اوچتو نينگر گارو ڪندي لوھ جو مارو تار ۾ لڳي ويو جنهن جي ڪري حادثو پيش آيو گهر وارن جي رڙين تي عارب پٽ يعقوب پلي ننگري کي بچائڻ لاء ڇت تي چڙيو انهي پويان عارب جي ڌي شبيران زال خالق پلي پنهنجي پيءُ کي بچائڻ لاء  زخمي ٿئي پئي زخمي کي سول اسپتال آندو جنهن ڊاڪٽرن پاران طبي امداد ڏني پئي ويئي جڏھن ته فوتين جي گھرن ۾ روڄ راڙو متل ھو.

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.