ايران اسرائيل جي جارحيت جو ساٿ ڏيندڙ ملڪن کي ڌمڪي ڏئي ڇڏي

بيجنگ(ويب ڊيسڪ) ايران جي پاسداران انقلاب جي ڪمانڊر غلام علي راشد چيو آهي ته ايران خلاف اسرائيلي جارحيت جو ساٿ ڏيندڙ ملڪ ان جا نتيجا ڀوڳيندو.

پنهنجي هڪ بيان ۾ ايراني ڪمانڊر چيو آهي ته صيهوني رياست ايران جي سلامتي جي لاءِ وڏو خطرو آهي. جيڪي ملڪ اسرائيل جي جارحيت جو ساٿ ڏيندا انهن کي اهڙا نتيجا ڀوڳڻا پوندا.

خابرو اداري موجب اسرائيل ايراني جوهري پروگرام نه رڪجڻ تي ايران خلاف فوجي ڪاروائي ڪرڻ جو اشارو ڏنو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.