پنجاب حڪومت ڪيرائڻ جي سازش ٿي رهي آهي، مسٽر ايڪس ۽ واءِ ڌمڪيون پيا ڏين: عمران خان

چشتيان ( ويب ڊيسڪ ) اڳوڻي وزيراعظم ۽ پاڪستان تحريڪ جي چيئرمين عمران خان چيو آهي ن ليگ وارا منهنجي خلاف ڀلي جيتري به سازش ڪن پر کين اهو ٻڌائڻ چاهيان ٿو ته ملڪ به منهنجو آهي ۽ فوج به منهنجي آهي.

چشتيان ۾ چونڊ جلسي کي خطاب ڪندي عمران خان چيو ته هاڻي نئون پلان ٺهي رهيو آهي، خبر پئي آهي ته اسان جي پنجاب حڪومت ڪيرائڻ جي سازش ٿي رهي آهي، اسان جي ايم پي ايز کي ڪروڙين رپين جي آڇن سان گڏ مسٽر ايڪس، مسٽر واءِ  ڌمڪيون ڏئي رهيو آهي، پنجاب حڪومت خلاف سازش جو مطلب لنڊن مان ڀڳوڙو واپس اچي سگهي ٿو.

هن چيو ته ن ليگ وارا ملڪ جو پئسو لٽي ٻاهر موڪليندا آهن، سندن سڄو خاندان لنڊن ۾ آهي ۽ ڪمائي ڪرڻ لاءِ پاڪستان ايندا آهن، جيستائين ملڪ ۾ انصاف قائم نه ڪنداسين خوشحال نٿا ٿي سگهون.

اڳوڻي وزيراعظم چيو ته وڏن وڏن ڌاڙيلن کي جيلن ۾ وجهڻ بدران کين وزير بڻايو ويندو آهي، پرويز مشرف عدليا جي آزادي ڳالهه تان مونکي جيل ۾ وڌو.

عمران خان چيو ته مخالف هاڻي ڪوشش ڪري رهيا آهن ڪنهن ريت ادارن کي پي ٽي آءِ خلاف ڪيو وڃي، توهان ماڻهن سپريم ڪورٽ تي حملو ڪيو، دنيا جي تاريخ ۾ ائين ناهي ٿيو هنن ججز کي بريف ڪيس ڏئي خريديو، انهن ايماندار جسٽس سجاد علي شاهه کي هٽايو، اسان پاڪستان جي عدليا کي مضبوط ڏسڻ چاهيون ٿا، انهن جي ڪوشش آهي ته مونکي فوج خلاف ويڙهايو وڃي، ن ليگ وارا جيتري ڪوشش ڪن ملڪ ۽ فوج منهنجي آهي، نواز شريف، زرداري فوج کي انڊرمائن ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، هڪٻئي کي چور چوڻ وارا اڄ هڪ ٿي ويا آهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.