نئون جواب جمع، عورت جج کي ڌمڪيون ڏيڻ واري بيان تي عمران خان معافي نه ورتي

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان عورت جج کي ڌمڪين واري ڪيس بابت اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ لکت ۾ جواب جمع ڪرائي ڇڏيو آهي.

عورت جج کي ڌمڪيون ڏيڻ تي عمران خان خلاف داخل توهين عدالت ڪيس بابت اڳڀرائي ٿي آھي.

عمران خان اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي حڪم تي 19 صفحن تي ٻڌل لکت ۾ جواب جمع ڪرايو، عمران خان شوڪاز نوٽيس جي جواب ۾ ضمني جواب عدالت ۾ جمع ڪرايو آهي.

پي ٽي آءِ چيئرمين طرفان عدالت ۾ جمع ڪرايل جواب ۾ عورت جج بابت چيل لفظن تي ڏک جو اظهار ڪيو ويو آهي.

عمران خان جو جواب ۾ چوڻ ھو تھ غيرارادي طورعورت جج بابت اهڙا لفظ نڪري آيا، جنهن تي افسوس آهي.

پي ٽي آءِ چيئرمين چيو ته اِها سٺي ڳالهه آهي جو مونکي پنهنجو موقف پيش ڪرڻ جو موقعو ڏنو ويو، مون سدائين ادارن جي عزت تي ٻڌل راءِ جو اظهار ڪيو آهي، خاطري ڪرايان ٿو ته ججز ۽ عدليا جو احترام ڪريان ٿو.

سندس چوڻ هو ته ججز عام ماڻهن کي انصاف ڏيڻ ۾ هر وقت رُڌل رهن ٿا، منهنجو مقصد عورت جج جي دل آزاري ڪرڻ نه هو، هاءِ ڪورٽ ۽ ان جي ماتحت عدالتن لاءِ تمام گهڻو احترام آهي.

اڳوڻي وزيراعظم وڌيڪ چيو ته عورت جج جي احساسن کي ڇيهو رسائڻ جو مقصد نه هو، عوامي ريلي ۾ غيرارادي طور منهن مان نڪتل لفظن تي افسوس اٿم، عورت جج کي ڌمڪائڻ جو ارادو نه پر ائين ڪرڻ بابت سوچي به نٿو سگهان.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.