سعيد غني جي آمد جو ٻڌي سنڌڙي واسي متاثر عورتن جو ڌرڻو، صوبائي وزير جو دورو ملتوي

سنڌڙي (رپورٽ :ڪاشف علي شر) صوبائي وزير سعيد غني جي سنڌڙي تعلقي جي  هنڱورنو  ڪنگهل ڍنڍ ۽ ٻين برساتي علائقن جي دوري جو ٻڌي  سنڌڙي تعلقي جي ٻوڏ متاثرن  هنڱورنو ڀرسان کپرو ميرپورخاص روڊ ٻن هنڌن تان  ڪهيري برادري  جي ماڻهن مسمات حليمان  عرف وڏيري ڪهيري  جي اڳواڻي ۾ عورتن ۽ مردن ڪهيري رستي وٽ  ۽ هنڱورنو  ڀرسان  مالهي پمپ وٽ  ريوڙي پاڙي  ۽  خاصخيلي پاڙي ۽ ٻين علائقن جي  رهواسين کپرو ميرپورخاص روڊ بلاڪ ڪري ڌرڻو هڻي ويهي رهيا  جڏهن ته صوبائي وزير سعيد  غني  سنڌڙي تعلقي جو دورو ڪينسل ڪري  واپس روانو ٿي ويو .

 ڌرڻي دوران پوليس ۽ مظاھرين ۽ مسافرن ۾ پڻ ڏند چڪ ٿيندا رهيا ڌرڻي سبب روڊ جي ٻنهي پاسن کان ڪيتريون ئي گاڏيون بيھجي ويون   ڌرڻي دوران نٽهڻ اس مسافر سخت پريشان  ٿيندا رهيا مظاھرين جو چوڻ آهي ته اسان جا گهر ڪري پٽ پئجي ويا آهن  سرڪار پاران ڪابه واهر نه ٿي آهي  نه پيئڻ جو پاڻي؛ آهي نه کائڻ لاءِ ڪجهه آ هي  ڌر بدري واري زندگي گذاري روڊن تي ستا پيا آهيون.

هنن مطالبو ڪيو ته  فوري طور تي نوٽيس وٺي گهر مان پاڻي ڪڍائي راشن ۽ خيما ڏنا وڃن نه ته ٻي صورت ۾  ڊي سي آفيس ۾  ڌرڻو هڻندا سين بعد ڊي ايس  پي سنڌڙي مظاھرين سان ڳالهيون ڪري روڊ کولرايو ٻئي طرف ايم پي اي سيد ذوالفقار علي شاھ عوامي آواز سان فون تي ڳالهائيندي چيو ته   صوبائي وزير سعيد غني  ميرپورخاص جو دوري دوران  پارٽي جي ضروري  ڪال تي  ڪراچي ويو آهي  جلد سنڌڙي سميت  ٻين برسات سٽيل علائقن  جو دورو  ڪندو

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.