ٻوڏ الميو، پيءُ ۽ ڌيءُ بک وگهي فوت، 300 ڳوٺ ۽ انڊس هاءِ وي ٻڏي ويو

دادو/ ميھڙ/ جوهي( رپورٽ: عزيز ملڪ+ فراز چنا + اسماعيل پيرزادو) ميھڙ شھر کي ٻوڏ جو خطرو برقرار آھي پاڻي جو رنگ بند کي چئني پاسن کان دٻاءُ وڌڻ لڳو منڇر توڙي ايم اين وي کي لڳل گھارن بعد بہ ميھڙ رنگ بند مٿان پاڻي جو دٻاء نه گھٽجي سگھيو آھي جنھن سبب ميھڙ سٽي ھوٽل ، ۽ ٻرڙا رائيس مل ڀرسان رنگ بند کي روڻيون لڳڻ سبب پاڻي ٻرڙا پيٽرول پمپ، رائيس مل سميت ميھڙ ڊگري ڪاليج سامھون باء پاس وٽ انڊس ھاء وي جو ھڪ پاسو پاڻي ھيٺ اچي ويو آھي.

ميھڙ رنگ بند کي پاڻي شھر جي چئني پاسن کان سوڙھو ڪري ڇڏيو آھي جنھن سبب ميھڙ جو 4 کان پنج شھرن ڏانھن ويندڙ لنڪ روڊ به پاڻي جي گھيري ۾ اچي ويا آھن، ضلعي انتظاميه توڙي سنڌ سرڪار ھن وقت تائين ڪا واھر نه ڪري سگھي آھي بندن تي ويٺل ماڻھن ۾ گيسٽرو توڙي چمڙي جي بيماري ڦھلجڻ بعدسنڌ سرڪار توڙي صحت کاتي ڪو به تحرڪ ناھي ورتو ميھڙ انڊس ھاءِ وي تي کليل آسمان ھيٺ ويٺل کھڙا ڳوٺ جا رھواسي ٻوڏ متاثر پيرسن علي حسن پاھي ۽ سندس نوجوان ڌيءُ حضوران پاھي بک بدحالي بروقت علاج نه ٿيڻ سبب تڙپي تڙپي فوت ٿي ويا جنھن سبب گھر ۾ ڪھرام مچي ويو جڏھن ته ٻوڏ جي پاڻي ھجڻ سبب فوتين جو لاش کڻڻ به مشڪل بڻجي ويو ۽ فوتين جا لاش ڳوٺ اباڻي ڳوٺ کڻائي وڃڻ بجاءِ ميھڙ قبرستان ۾ دفنايا ويا .

ميھڙ سنڌي ٻٽڙا ڀرسان راجا  سولنگي جو 8 ڏينھن جو ڄاول معصوم ٻارڙو غذائي کوٽ سبب فوت ٿي ويو . جوهي ۾  ٻوڏ جون تباهه ڪاريون جاري ھر طرف قيامت جا منظر هزارين ڳوٺ تباھ لکين متاثرين دربدر ايم اين وي ڊرين کي 6 کان وڌيڪ لڳل ھٿرادو ڪٽ ڪٿي به ٻڌجي نه سگهيا پاڻي ۾  مسلسل چاڙھ ۽ دٻاءَ سبب جوھي شهر کي بچائڻ لاءِآخري لائف لائن رنگ بند کي روڻيون پئجي ويون رنگ بند تي موجود نوجوانن معمولي روڻين تي ڪنٽرول ڪري ورتو جوهي شھر کي هر حال ۾ بچائڻ لاء رات ڏينهن هڪ ڪري پنهنجو  جوهي شھر بچائينداسين, شھر مان رنگ بند تي معصوم ٻار مرد توڙي عورتون سون جي تعداد ۾ رنگ بند تي ڪم ۾ مصروف  آهن.  پ پ جي چونڊيل نمائندن ڊي سي دادو ضلعي انتظاميه اي سي جوهي مختيار ڪار به غائب آهي  رستا مڪمل پاڻي ۾ ھئڻ باوجود  ڪٿي به سنڌ حڪومت طرفان ٽڪي جو به متاثرين تي خرچ نه ڪيو.  03

سيوهڻ/ ڀان سيدآباد: ( رپورٽ: خالد ميمڻ+ آدم مينگل) منڇر ڍنڍ جي پاڻي سبب تعلقي سيوهڻ جون 7 يونين ڪائونسلون ٻڏي ويون. ايم اين وي ڊرين کي آر ڊي 10 وٽ کنڊ لڳڻ سبب وڌيڪ علائقا پاڻي هيٺ اچي ويا آهن. منڇر ڍنڍ جي پاڻي سبب تعلقي سيوهڻ جون 7 يونين ڪائونسلون ٻڏي ويون آهن، جنهن دوران يوسي واهڙ ۾ سنڌ جي وڏي وزير مرادعلي شاهه جو ڳوٺ واهڙ به مڪمل طور تي ٻڏي ويو، ضلعي انتظاميه جي انگ اکرن مطابق تعلقي سيوهڻ جي 7 يوسيز جا 500 ڳوٺ ٻڏي ويا آهن جن جي آبادي تقريبن  هڪ لک 60 هزار آهي جنهن ٻوڏ متاثرن جي واهر نه ٿي سگهي، سيوهڻ لعل باغ، چوٿنڀي ۽ ڀان سيدآباد ۾ ٻوڏ متاثر کليل آسمان هيٺ ويٺل آهن.

متاثر ماروئڙن جا معصوم ٻارڙا پيئڻ جي پاڻي لاءِ به تڙپڻ لڳا آهن . سيوهڻ جي لعل باغ ۽ چوٿنڀي وٽ سنڌ جي مختلف شھرن ڪي اين شاھ، دادو، جوهي، شھداد ڪوٽ، ۽ تعلقي سيوهڻ جي ننڍن وڏن ڳوٺن جا 25 هزار کان وڌيڪ ٻوڏ متاثر لعل باغ وٽ ٽينٽن ۾ رھائش پذير آهن جيڪو ريگستاني علائقو هجڻ سبب قھر جي گرمي ۾ معصوم ٻارڙا توڙي عورتون سخت مشڪلاتن کي منهن ڏئي رهيا آهن ۽ ڪيترائي ماڻهون بيھوش ٿي ويا. منڇر کي 2 ڪٽ لڳڻ بعد ڪالھ ايم اين وي وٽان لڳل گھاري تباھي مچائي ڇڏي آھي جنھن ڪري سيوھڻ جون 5 يوسين جي آبادي متاثر ٿي وئي آھي ۽ سوين ڳوٺن علي حسن شاهاڻي، ٿيٻا، خيرمحمد جمالي، رنگ، آباد، حسن علي آفندي، مهر، ڪنڊو خان بوزدار، قاسم بوزدار، رضامحمد گائينچو، ننگرخان بروهي، رمضان پنهيار، گرڪڻو، مولابخش ملاح، محمد ملوڪ ملاح، ور وارا ڀلائي، رئيس بنگل خان بوزدار، آراضي، بوبڪ، ملوڪ آباد، بختيارپور، پڪا چنا، بچل چنا، سجاول ٽالپر، قادر بخش ڀلائي، رب ڏنو ڳنڀير، علي خاناڻا، دين محمد ڀلائي،عظيم بروھي، باغ يوسف، عبدالرحيم بڙدي ، صالع ڀنڊ ، تيٻا ،  سميت ڪيترائي ڳوٺ مڪمل طور تي پاڻي ھيٺ اچي ويا آھن.

ڳوٺاڻا پنهنجي مدد پاڻ لڏ پلاڻ ڪرڻ وارو سلسلو جاري آھي ، ڳوٺاڻن پاران سنڌ حڪومت ۽ سي ايم سنڌ کي پٽون پارائتا ڏيندي چيو ته اسان سي ايم سنڌ جي چونڊ تڪ جا ووٽر آهيون دربدر واري زندگي گذاري رهيا آهيون ، پاڻي ۾ معصوم ٻارڙا پيرسن توڙي عورتون اڃان تائين ڦاٿل آهن افسوس سي ايم سيد مراد علي شاه اسان جي واهر ڪرڻ لاء تيار ناهي . ٻئي پاسي سيوھڻ جي ڳوٺ بچل ۽ ملوڪ آباد وٽ انڊس ھاء وي تي پاڻي اوور ٽاپ ٿيڻ سبب سيوھڻ کان دادو ويندڙ انڊس ھاءِ وي تان پاڻي اورٽاپ ٿيڻ سبب گاڏين جو گذر پڻ گھٽجي ويو آھي ۽ روڊ بند ٿيڻ جو خدشو آھي ۽ ڄاڻايل يوسين ۾ پاڻي مختلف علائقن ۽ روڊن کي گھيري ۾ آڻڻ لڳو آھي ۽ سيوھڻ تعلقي جي 5 يوسين يوسي چنا، جعفرآباد، بوبڪ، واھڙ ۽ آراضي جي سوين ڳوٺن ۾ پاڻي تيزي سان وڌڻ لڳو آھي ۽ ھزارين ايڪڙن تي فصل به پاڻي ھيٺ اچي ويا آھن جنھن ۾ ووئنڻ. جوئر، بصر، ميھا ٻوڏ جي تباھڪارين سبب فصل پاڻي ھيٺ اچي ويا جڏھن ته پارڪو تيل ڪمپني ۽ شھباز ايئرپورٽ سميت پنجن ئي يوسين جي ننڍن وڏن ڳوٺن توڙي شھرن کي پنھنجي ٻوڏ جي پاڻي پنھنجي لپيٽ ۾ آڻي ڇڏي.

منڇر جي پاڻي سبب ٻڏي ويل يوسي جهانگارا ۽ يوسي باجارا جا رستا اڃا تائين سيوهڻ شهر کان ڪٽيل آهن جڏهن ته ضلعي انتظاميه ٻنهي يوسيز جي ماڻهن کي کاڌ خوراڪ سميت ٻيو سامان فراهم ناهي ڪري سگهي . منڇر جو ٻوڏ وارو پاڻي انڊس هاءِ وي روڊ کي اووٽ ٽاپ ٿيڻ بعد موٽروي پوليس پاران سيوهڻ دادو انڊس هاءِ وي روڊ کي مڪمل طور تي ٽرئفڪ لاءِ بند ڪيو ويو آهي، موٽروي پوليس جو چوڻ آهي ته دادو کان حيدرآباد ويندڙ ماڻهو مورو کان مهراڻ نيشنل هاءِ وي وارو رستو اختيار ڪن، في الحال ٻوڏ سبب سيوهڻ دادو انڊس هاءِ وي روڊ ٻوڏ وارو پاڻي لهڻ تائين مڪمل طور تي بند رهندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.