ڪوٽڏيجي ۾ ٻن سالن جي ٻوڏ متاثر ٻارڙي بک وگهي فوت، لاش رکي ڌرڻو

خيرپور(م ڊ) خيرپور جي تعلقي ڪوٽڏيجي جي خيما وسندي ۾ 2 سالن جي آسيه بک سبب تڙپي تڙپي دم ڏئي ڇڏيو، فوتي ٻارڙي جي والد ممتاز گوپانگ ڊان ڊاٽ ڪام کي ٻڌايو ته هن جي ڌيءُ گذريل رات دم ڏنو، هو ڪجهه ڏينهن کان بکايل ۽ بيمار هئي پر ڪنهن به اسان جي مدد نه ڪئي، اسان جي نياڻي اسان جي اکين آڏو دم ڏنو، هن چيو ته هتي خيما، پيئڻ جو پاڻي، کاڌو ۽ مڇردانيون ناهن، بعد ۾ فوتي نينگري جي وارثن انتظاميا خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو، هنن چيو ته ڪوٽڏيجي ۾ قائم خيما وسندي ۾ ترسيل خاندان فاقاڪشي تي مجبور ٿي ويا آهن، سياسي اڳواڻ ۽ انتظاميا غائب آهي، مظاهرين ڊپٽي ڪمشنر نور احمد ۽ سياسي اڳواڻن خلاف شديد نعريبازي ڪيئ ۽ ٻارڙي جو لاش روڊ ڪناري رکي شاهراهه تي ڌرڻو هنيو، هنن چيو ته ٻوڏ سبب بي گهر ٿي وياسين، کائڻ پيئڻ لاءِ ڪجهه ناهي، ٻار بک وگهي مري رهيا آهن، ٻوڏ متاثرن لاءِ ملندڙ امداد متاثرن تائين نه پئي پهچي، راشن آهي نه ئي ڇت، ڪو به حڪومتي نمائندو ناهي پهتو، هنن وزيراعظم سميت وڏي وزير کان فوري طور نوٽيس وٺڻ،امداد فراهم ڪرڻ ۾ غفلت ڪندڙ آفيسرن خلاف ڪارروائي جو مطالبو ڪيو ، ڪوٽڏيجي جي اسسٽنٽ ڪمشنر عاصم عباسي واقعي جي تصديق ڪندي چيو ته ڪوٽڏيجي شهر ۾ قائم خيما وسندي ۾ ٻن سالن جي آسيه فوت ٿي آهي، هوءَ ڪجهه ڏينهن کان بيمار هئي جنهن کي ضلعي انتظاميا پاران اسپتال به اماڻيو ويو هو پر هن جا وارث اسپتال ۾ رهڻ بدران فوري خيمي ۾ واپس اچي ويا، هن خوراڪ جي عدم فراهمي جي دعوائن کي رد ڪندي چيو ته خيما وسندي ۾ موجود ٻوڏ متاثرن کي راشن فراهم ڪيو پيو وڃي ٻئي پاسي پ پ اڳواڻ ڊاڪٽر مهرين ڀٽو ٻارڙي جي وارثن وٽ پهتي ۽ ساڻن تعزيت ڪئي، هن خيما وسندي ۾ هڪ ٽيم کي ٻوڏ متاثرن لاءِ خيمن ۽ ٻئي رليف سامان سان گڏ متاثر خاندان لاءِ 2 لک رپيا به موڪليا

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.