شرجيل ميمڻ پاران تعلقي ٻھراڙيءَ جي رليف ڪئمپن جو دورو

ڪراچي (پ ر) سنڌ جي اطلاعات واري صوبائي وزير ۽ فوڪل پرسن رين ايمرجنسي حيدرآباد شرجيل انعام ميمڻ تعلقي ٻھراڙي جي مختلف رليف ڪئمپن جو دورو ڪيو. امدادي ڪيمپن ۾ انتظامن جو جائزو ورتو، متاثرن کان سهولتن بابت ڄاڻ ورتي. صوبائي وزير يونين ڪائونسل موسيٰ کٽياڻ، يو سي ناريجاڻي، ٽنڊو حيدر جي امدادي ڪئمپن جو دورو ڪيو. ان موقعي تي هن هدايت ڪئي ته رليف ڪئمپن ۾ ٻه وقت تيار کاڌو ۽ طبي سهولتن کي يقيني بڻايو وڃي.  رليف ڪيمپس ۾ نادرا جي موبائل وين جو بندوبست ڪيو وڃي ته جيئن متاثر جا سڃاڻپ ڪارڊ ٺھرائي سگهن ۽ متاثرن کي بينظير انڪم سپورٽ پروگرام مان رليف ملي سگهي. صوبائي وزير چيو ته جن رليف ڪئمپن ۾ بجلي ناهي اتي حيسڪو سان گڏجي بجلي بحال ڪئي وڃي، جڏهن ته رليف ڪئمپن ۾ مليريا ۽ ڊينگي کان بچاءَ لاءِ اسپري پڻ ڪيو وڃي. صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ  راهوڪي ۽ هوسڙي شاخن جو پڻ معائنو ڪيو ۽ شاخن ۾ پاڻي جي سطح جو جائزو ورتو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.