جاپان پاران ٻوڏ متاثرن لاءِ 7 ملين ڊالر امداد جو اعلان

اسلام آباد(م ڊ) جاپان پاڪستان ۾ تباهي آڻيندڙ ٻوڏ صورتحال دوران متاثرن جي بحالي ۽ امدادي ڪمن لاءِ 7 ملين آمريڪي ڊالر جي هنگامي امداد جو اعلان ڪيو آهي. پاڪستان لاءِ هنگامي امداد بابت منصوبي جو اعلان جاپاني پرڏيهي وزير هياشي يوشيماسا ڪيو. پاڪستان ۾ جاپاني سفير واڊا ميتسوهيرو چيو آهي ته هو پاڻ جاپان حڪومت طرفان پاڪستاني عوام جي مدد لاءِ تيار آهي،  ڏکئي وقت  اسان ٻوڏ متاثر ماڻهن سان گڏ بيٺل آهيون. جاپاني سفير چيو ته برسات ۽ ٻوڏ سبب هزارين انسان اجل جو شڪار بڻيا، انفرا اسٽرڪچر ۽ وڏي پئماني تي زندگي جو نظام مفلوج بڻجي چڪو آهي، جڏهن ته  قدرتي آفت سبب لکين ماڻهو بي گهر ٿي ويا آهن. هن چيو ته فلڊ ريسپانس پلان 2022 ع جي هڪ حصي جي طور تي اسان اجتماعي ۽ گڏيل ڪارروائين ذريعي پنهنجي امداد ۾ واڌ ڪنداسين. 03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.