وڏي وزير سان گڏيل قومن جي وفد جي ملاقات، ٻوڏ صورتحال تي ڳالهيون

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سان گڏيل قومن جي هاءِ ڪميشن فار ريفيوجيز محترمه ليلا نگمانووا پنهنجي وفد سان گڏ وزيراعليٰ هائوس ۾ ملاقات ڪئي.وڏي وزير برسات جي تباهي بابت گڏيل قومن جي وفد کي ٻڌايو ته برساتن سبب 15 لک گهر ڊهي ويا آهن، وڏي تباهي سبب لکين ماڻهو بي گهر ٿي ويا آهن. هن چيو ته مونکي پنهنجي عوام کي هر ممڪن رليف ڏيڻو آهي. اسان ڪوشش ڪري رهيا آهيون ته پاڻي نيڪال واري عمل کي جلد کان جلد مڪمل ڪري بحالي جي قدمن کي تيز ڪيو وڃي. هن چيو ته هن وقت سنڌ کي 10 لک خيمن جي ضرورت آهي، هوڏانهن سيد مراد علي شاهه سان گڏيل عرب امارات جي وفد، سيڪريٽري ريڊ ڪريسنٽ، ريليف ۽ ريهبليٽيشن حمود عبدالله الجيبي جي اڳواڻي ۾ وزيراعليٰ هائوس ۾ ملاقات ڪئي. وفد ۾ يو اي اي جو صفي حماد عبيد الزابي، قونصل جنرل بخيت عتيق الريميٿي، راشد علي الحمدي ۽ ٻيا شريڪ هئا جڏهن ته سنڌ جي وڏي وزير جي معاونت صوبائي وزيرن ۾ سيد ناصر شاهه، مڪيش چاولا، بحالي بابت صلاحڪار رسول بخش چانڊيو، چيف سيڪريٽري سنڌ سهيل راجپوت، اسپيشل سيڪريٽري رحيم سومرو، سيڪريٽري ريهيبليٽيشن آصف ميمڻ ۽ ٻين شرڪت ڪئي. سنڌ جي وڏي وزير چيو ته اسان کي هن وقت عوام کي نه رڳو قدرتي آفت کان بچائڻو آهي پر سندن بحاليءَ لاءِ پڻ اهم قدم کڻڻا پوندا. هن چيو ته خريف جو سمورو فصل تباهه ٿي ويو آهي. اسان چاهيون ٿا ته زرعي زمينن مان پاڻي نيڪال جو عمل جلد کان جلد مڪمل ڪيو وڃي. ان موقعي تي يو اي اي جي وفد سنڌ جي وڏي وزير کي يقين ڏياريو ته سنڌ جي عوام جي بحالي لاءِ هر ممڪن مدد ڪئي ويندي ۽ گڏيل عرب امارات خيما، چادرن، کاڌي پيتي جي شين ۽ بحاليءَ ۾ سنڌ جي عوام جي ڀرپور مدد ڪندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.