پي ٽي آءِ ميمبرن جي استعيفائن جي مرحليوار منظوري خلاف درخواست رد

اسلام آباد(بيورو+م ڊ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پي ٽي آءِ جي اسيمبلي ميمبرن جي استعيفائن جي مرحليوار منظوريءَ خلاف درخواست خارج ڪندي اڳوڻي ڊپٽي اسپيڪر قاسم سوري جو نوٽيفڪيشن غير آئيني قرار ڏئي ڇڏيو آهي. اڱاري ڏينهن عدالت سڳوري جي چيف جسٽس اطهر من الله پي ٽي آءِ جي درخواست تي ٻُڌڻي ڪئي. ٻُڌڻيءَ دوران پي ٽي آءِ جي وڪيل فيصل چوڌري ايڊووڪيٽ چيو ته پي ٽي آءِ جي 123 اسيمبلي ميمبرن استعيفائون ڏنيون، رڳو 11 جي منظور ڪئي وئي. چيف جسٽس چيو ته اسيمبلي ميمبرن جي استعيفائن جي منظوريءَ جي طريقيڪار تي 2015ع ۾ عدالت فيصلو ڏئي چڪي آهي. پي ٽي آءِ جي وڪيل چيو ته 2015ع کان صورتحال تبديل ٿي چڪي آهي. چيف جسٽس پي ٽي آءِ جي وڪيل سان مخاطب ٿيندي چيو ته توهان اسيمبلي ميمبرن جي استعيفائن تي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جو 2015ع جو فيصلو پڙهو. چيف جسٽس چيو ته عدالت پارليامينٽ جي معاملن ۾ مداخلت نٿي ڪري سگهي. ڊپٽي اسپيڪر استعيفيٰ منظور ڪرڻ وقت طريقيڪار تي عمل نه ڪيو، عدالت اسپيڪر کي به هدايت نه ڏيندي ۽ ان جي مرضي پنهنجي فيصلي ۾ لکي چڪي، استعيفيٰ ڏيندڙ هر ميمبر کي ذاتي طور تي اسپيڪر وٽ وڃڻ گهربو هو، ڊپٽي اسپيڪر جيڪو ڪيو اهو عدالت جي فيصلي جي بلڪل خلاف هو، عدالت عوام جي چونڊيل نمائندن جو احترام ڪري ٿي. ڇا اسپيڪر استعيفيٰ ڏيندڙ اسيمبلي ميمبرن کي سڏائي پنهنجو اطمينان ڪيو هو؟

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.