پ پ ضلعي ٺٽي جي صدر جو ٻوڏ متاثرن جي ڪئمپن جو دورو

ٺٽو(ڊر) پاڪستان پيپلز پارٽي ضلعي ٺٽي جي صدر، وزير اعلي سنڌ جي معاون خاص صادق علي ميمڻ، پ پ پ ضلعي ٺٽي جي نائب صدر آفتاب عالم سومرو، ڊي سي ٺٽو غضنفر علي قادري پاران تعلقي ٺٽي جي يوسي ٽنڊوحافظ شاھ، يوسي اونگر،  يوسي صوف شورو،  يوسي جھرڪ کان  آيل ٻوڏ ستايل ڳوٺ ارباب ڀائيخان ٻٻر مري اسٽاب ڳوٺ ارباب ولي محمد ٻٻر تي لڳل ڪئمپن جو دورو ڪري ٻوڏ متاثرين سان ملاقاتون ڪري کين يقين ڏياريو ته کين جلد ٽينٽ، راشن، مڇردانين  سميت صحت جون سموريون سھولتون کين مھيا ڪيون ويون. ، جنھن لاء لاڳاپيل عملدارن کي موقعي تي ھدايتون جاري ڪندي وزير اعليٰ جي معاون خاص صادق علي ميمڻ چيو ته سنڌو درياءَ ۾ آيل وڏي چاڙھ ڪچي جي رھواسين کي دربدر ڪري ڇڏيو آھي، پر سنڌ حڪومت ۽ ٺٽي ضلعي انتظاميا ٻوڏ متاثرين سان گڏ آھي، جن کي نه اڪيلو ڇڏيو آھي ۽ نه ئي اڪيلو ڇڏيندي، انھن کي جلد تنبو، راشن ڏيئي سندن تڪليفون دور ڪيون وينديون. ان موقعي تي حاجي معشوق شفيع ٻٻر،  ڊاڪٽر عبدالستار دل،  اختر علي دل، حاجي رشيد ميمڻ، حاجي فيض بروھي، ڊاڪٽر عبدالحق جماري ۽ ٻيا معززين ۽ برسات متاثرين وڏي تعداد ۾ موجود ھئا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.