اڏيرو لعل وليج ۾ هوٽل واري جو گهر ڪري پيو، واهر جي اپيل

اڏيرولعل وليج (ن ع آ ) اڏيرولعل جي غريب آباد ڪالوني جو رهواسي مزور مصطفي ڇٽو هوٽل وارو ميڊيا وارن کي پنهنجا ڏک سور ٻڌائيندي  روئي چيو ته ڊي سي طرفان موڪليل ٽيٽن مان هڪ ٽينٽ مون کي به ڪنهن الله واري وٺهرائي ڏنو آهي پر ٻيو راشن وغيره ڪجهه ناهي مليو. آئون غريب مزور ماڻهو آهيان منهنجا سنها سنها ٻچا آهن ان باوجود به وزيري اعظم شهباز شريف جا اعلان ڪيل 25000.ھزار به نٿا ملن وڌيڪ چوڻ هئس ته مون کي اڏيرولعل جي مقامي تنظيمن  ۽ تاجرن سرندي وارن پڻ نظر انداز ڪري ڇڏيو آهي.ان موقعي تي هوٽل واري مصطفي ڇٽو پاران وزير اعظم شهباز شريف , وزير خارجا بلاول ڀٽو زرداري , وڏي وزير مراد علي شاه ۽ چونڊيل نمائندن مٽياري ۽ ڊي سي مٽياري اي سي مٽياري سميت ٻين وس وارن کي  سهائتا ڪرڻ جي  اپيل ڪئي آهي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.