شڪارپور ۾ مختلف هنڌن تي ٻوڏ متاثرن جو مفت علاج

شڪارپور (ڊ ر) شڪارپور  ۾ ٻوڏ متاثرن جو مفت علاج جاري آهي، سول اسپتال جي انچارج ڊاڪٽر نريما بلوچ جي نگراني ۾ ڊاڪٽرن جي ٽيم  ھاءِ اسڪول نمبر هڪ، ڪرنل ناصر خان بلوچ فارم ۽ ڳوٺ بنگل عيساڻي ۾ ھڪ ڏينھن جي مفت ميڊيڪل ڪئمپ لڳائي، جنھن ۾ ماھر ڊاڪٽرن مريضن جي چڪاس ڪئي، مفت دوائون ۽ فيملي پلاننگ بابت مشورا ڏنا،ان موقعي تي ٽي پي ڊبليو او اورنگزيب سومرو ۽ ٻين ڪئمپن جي وزٽ ڪئي.جڏهنته ريشمانه جوکيو، وحيده ابڙو ، شبانه مسيح، صائقه قاضي، خورشيد، عاشق دايو، مسڪين کوھارو، عبدالنبي بروھي، محمد بچل ابڙو، رخسانه، فھميده، عمران شيخ ، صدرالدين شيخ ، اڪبر ۽ ٻين خدمتون سرانجام ڏنيون.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.