خانپور مهر لڳ برسات متاثرن جي واهر نه ٿي، درخواست تي جج دورو ڪيو

خانپورمهر ( ن ع آ  ) خانڳڙھ تعلقي جي يونين ڪائونسل مٺڙي جي برسات متاثرن جي واهر نه ڪرڻ ۽ ڳوٺن ۾ بيٺل برساتي پاڻي نيڪال نه  ڪرڻ سبب ايڊوڪيٽ فقير محمد ٽانوري جي درخواست تي گھوٽڪي  جي سول جج نقاش دلاور، ڊسٽرڪٽ بار جي صدر علي اصغر پنھيار، ايڊوڪيٽ  فقير محمد ٽانوري سان گڏ يوسي مٺڙي جو دورو ڪيو ، دوري دوران پوري يوسي جي صورتحال کان آگاھ ڪيو ويو ان موقعي تي درخواست گذار وڪيل فقيرمحمد ٽانوري سول جج کي ٻڌايو ته برسات کانپوءِ يوسي مٺڙي جي مختلف ڳوٺن ۾ پاڻي بيٺل آهي گهر ڪرڻ سبب متاثر کليل آسمان هيٺ ويٺل آهن برساتي پاڻي جي نيڪال ۽ برسات متاثرن جي واهر لاءِ ڪيترائي ڀيرا اسسٽنٽ ڪمشنر خانڳڙھ ۽ مختيارڪار خانڳڙهه کي درخواست ڪئي پر عملدارن برسات متاثرن جي ڪا به واهر نه ڪئي نه وري ڳوٺن مان برساتي پاڻي نيڪال ڪرايو . جنهن تي سول جج اتي موجود اسسٽنٽ ڪمشنر خانڳڙھ نعيم سهتو ۽ مختيارڪار خانڳڙه خالد محمود لانگاھ کي حڪم ڏنو ته فوري طور برسات متاثرن کي گهربل سامان  راشن، خيما فراهم ڪري برساتي پاڻي نيڪال ڪرائي اڄ ئي رپورٽ پيش ڪئي وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.