مٽياري ۾ اي ڊي سي جي صدارت ۾ اجلاس، پاڻي نيڪالي تي غور

مٽياري (ڊر) ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ون سونيا ڪليم جي صدارت هيٺ اسٽنٽ ڪمشنر آفيس سعيدآباد ۾ مهراڻ ھاءِ وي جي متاثر  ڳوٺن مان پاڻي ڪڍرائڻ لاءِ اهم گڏجاڻي ٿي گذري جنهن ۾ برسات متاثر علائقن جو پاڻي ڪڍڻ لاءِ سڀني معززين جي پاران ڏنل تجويزن ۽ غور ويچار بعد ضلعي انتظاميا پاران اڳواٽ جوڙيل پلان تحت پراڻي مارک واھ ذريعي پاڻي ڪڍڻ جو اتفاق راءِ سان حتمي فيصلو ڪيو ويو آهي. ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ون سونيا ڪليم واضع ڪيو ته پاڻي ڪڍرائڻ لاءِ جوڙيل پلان تي عملدرآمد کي يقيني بڻايو ويندو ۽ ڪنهن ھڪ ڳوٺ کي به نقصان نه ٿيندو ، انتظاميا ڪڏھن به نه چاهيندي ته ھڪ متاثر علائقي مان برساتي پاڻي ڪڍي ٻئي علائقي کي متاثر ڪيو وڃي.   پلان موجب روھڙي ڪينال وٽ زير پير موري تي پهرين يبٺل سم ۽ برساتي پاڻي کي ڪڍيو ويندو، ساڳئي ئي وقت مشينن ذريعي مارک واھ جي کوٽائي جاري رکي ويندي، ۽ جيڪو پاڻي جمع ٿيندو ان کي روھڙي ڪينال ۾ ڇوڙ ڪرڻ جو عمل جاري رھندو، مارک واھ جي صفائي مڪمل ٿيڻ بعد متاثر علائقن جو ٿورو ٿورو پاڻي مارک واھ ۾ ڇوڙ ڪيو ويندو ۽ گهربل مشينري سان گڏ مارک واھ جي رات ڏينهن سخت نگراني يقيني بڻائبي ته جيئن ڪنهن به قسم جي نقصان جو خدشو نه رهي. گڏجاڻيءَ ۾ ٻڌايو ويو ته ايڪسڪيويٽر، ڊي واٽرنگ مشينري زير پير سائيٽ تي پهچي چڪي آهي.گڏجاڻي ۾ مخدوم هائوس جا ڪوآرڊينٽرز اسلم پيرزادو، گل پنهور، ايڊيشنل ڊائريڪٽر زراعت رفيق راهو،اسٽنٽ ڪمشنر سعيدآباد منصور عباسي، مختيار ڪار آفتاب جمالي، ڊپٽي ڊائريڪٽر زراعت اسد ڪاڪا ۽ ٻيا عملدار موجود هئا. گڏجاڻيءَ ۾ علائقي جي معززين شوڪت انڙ، رئيس مير محمد جمالي، رئيس غلام علي دل، رئيس سرفراز راهو، ڪريم گل دراني، وڏيرو جمال ڪاڪا،لقمان راجپوت، طفيل مصري ڪاڪا، سيد اشرف شاہ، نثار چانڊيو، اظهار ڪاڪا، دلدار ابڙيجو ۽  علائقي جي ٻين شرڪت ڪئي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.