چڪ شهبازپور ۾ برسات بعد گهر ڊهي پيا، ڏهاڙيدار طبقو پريشان

چڪ شهبازپور (رپورٽ: جاويد لاشاري) چڪ شهبازپور ۾  قومي امن ڪاميٽي برائي بين المذاھب هم آهنگي (امين شاھ راشدي) يوٿ ونگ سنڌ جي ايڊوائيزر اللهڏيوايو ڪلهوڙو ۽ منارٽي ونگ جي ضلع چيئرمين گهوٽڪي وسند ڪمار ” عوامي آواز” سان خصوصي ڳالھه ٻولهه ڪندي چيو آهي ته سنڌ ۾ هلندڙ مسلسل برساتن جي تباھ ڪارين سبب ڏهاڙيدار طبقو سخت متاثر ٿيو آهي، جن جي پر گهور لهڻ گهرجي هن چيو ته برسات جي تباھ ڪارين سبب ڪيترن ئي ڏهاڙيدار طبقي جي مسڪين پورهيتن جا ڪچا توڙي پڪا گهر ڊهي پيا آهن، جيڪي هن وقت کليل آسمان هيٺ بي يارو مددگار ويٺل آهن، هن چيو ته پوري سنڌ سميت گهوٽڪي ضلعو به برساتن سبب متاثر ٿيو آهي جتي برسات متاثرين جي هن انتهائي ڏکي صورتحال ۾ ضلعي انتظاميا پاران واهر نه ڪرڻ افسوسناڪ عمل آهي هن وڌيڪ چيو ته قومي امن ڪاميٽي به وس آهر برسات متاثرين جي مدد ڪري پئي سرندي وارن کي به اڳتي اچڻ گهرجي هن سنڌ سرڪار کان مطالبو ڪيو ته برسات متاثرين جي مالي مدد ڪري کين اجھا ٺاهي ڏنا وڃن ته جيئن هو پنهنجي زندگي آساني سان گذاري سگهن

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.