سيٺارجا ۾ برساتي پاڻي بيٺل، متاثرن جي واهر به نه ٿي، احتجاجي مظاهرا

سيٺارجا (ن ع آ(سيٺارجا ۽ ڀرپاسي جي ڳوٺن مان برسات ۽ ٻوڏ جو پاڻي نيڪال نه ٿيڻ , برسات متاثرين کي سرڪار پاران راشن نه ملڻ ڪري تڪ جي چونڊيل نمائندن ۽ ضلعي انتظاميه خلاف ٻه ڌار ڌار احتجاجي مظاهرا ڪري ڌرڻا هنيا ويا ٽائون ڪاميٽي جي گيٽ اڳيان سياسي سماجي اڳواڻن فنڪشنل ليگ تعلقه ميرواهه جي صدر امير طارق حسين  ڪٻر, الهڏتو گل, سعد الله سهتو, منظور حسين ڪٻر, بابو شير محمد راڄپر, وسيم رضا لنڊ جي اڳواڻي ۾ احتجاجي ڪئمپ ٻئي ڏينهن به جاري رکي ان موقعي تي اڳواڻن صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته سنڌ حڪومت نااهل چونڊيل نمائندن جي ڪري اسان جا علائقا ٻوڏ جي صورتحال اختيار ڪري ويا آهن سموري بجيٽ اقتداري ڌر پنهنجا نوازي ڪري ڀڀ ڀري رهيا آهن اهڙي صورتحال ۾ غريبن جي سار سنڀال نه لهڻ ڪري بي يارو مددگار بڻيل آهن متاثرن وٽ ڪجه به ناهي رهيو انهن جا ٻچا بک تي ويٺل آهن  سرڪار پاران هن وقت تائين سار ناهي لڌي علائقي جي 20 کان وڌيڪ ڳوٺ مڪمل طرح پاڻي هيٺ آهن انهن کي مختلف بيماريون وڪوڙي ويون آهن ڪيترن ئي ماڻهن جا جانور ڪني پاڻي سبب مري ويا آهن جنهن سبب ڪروڙين روپين جو نقصان ٿي ويو آهي ٻئي پاسي سئي گئس روڊ ڪناره هوٽل تي سياسي سماجي اڳواڻن آفتاب حسين عرف دودو لنڊ, علي گلاب لنڊ جي اڳواڻي ۾ ڌرڻو هنيو ويو ان موقعي تي اڳواڻن صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته ھڪ طرف ھزارين مرد عورتون ۽ ٻار قيامت خيز گرمي ۽ مڇرن ۾ ڪيمپن ۾ ويٺل آھن ته ٻئي پاسي سرڪار جي ڪامورن اکيون ٻوٽي ڇڏيون آھن ۽ سرڪار جا تپيدار ۽ مختيار ڪار رات جو چند ٿيلھيون راشن مخصوص متاثرين ۾ ورھائي گم ٿي ويا ۽ متاثر ساڳيو سورن ۾ آھن چونڊيل نمائندن ۽ ضلعي انتظاميه جي نااهلي ڪري ڳوٺن ۾ اڃان سوڌو پاڻي بيٺل آھن جيڪو نيڪال نٿو ڪرايو وڃي نه وري مڇر مار اسپري ڪرايو پيو وڃي جنھن ڪري متاثر بيمارين ۾ وٺجي ويا آھن ۽ سرڪار ڪامورا اھڙي قيامت خيز صورتحال ۾ به خاموش تماشائي بڻيل آھن .

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.