دريا خان مري لڳ نوجوان برسات جي پاڻي ۾ ٻڏي ويو، لاش جي ڳولا

دريا خان مري ( ن ع آ ) دريا خان مري ڀرسان ڳوٺ منظور لاشاري واسي نوجوان 28 ساله سڪندر لاشاري برسات جي پاڻي ۾ ٻڏي ويو نوجوان جي وارثن پاران نوجوان جي لاش جي ڳولا ڪئي پئي وڃي، مگر آخري اطلاعن تائين نوجوان  جو لاش ھٿ ناھي اچي سگھيو ٻڏي ويل نوجوان جي والد ميھر لاشاري ٻڌايو ته سڪندر لاشاري اٽو وٺڻ وڃي رھيو ھيو ته پير ترڪڻ ڪري برسات جي پاڻي ۾ ٻڏي ويو ھن ٻڌايو ته اٽي وارو خالي پاچڪو برسات جي پاڻي مان ھٿ ڪيو ويو آھي، مگر نوجوان جو لاش ھٿ نه اچي سگھيو آھي وارثن موجب برسات جو پاڻي 10 فٽ کان وڌيڪ ھجڻ ڪري ڳولا ۾ سخت پريشانيون ٿي رھيون آھن

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.