لسٻيلو ضلعو ٽوڙڻ خلاف عوام سراپا احتجاج

حب(ن ع آ) لسٻيلو ضلعو ورهائڻ لخاف عوام روڊن تي نڪري آيو، لسٻيلي جي مختلف هنڌن تي قومي شاهراهه تي ڌرڻا هڻي روڊ بلاڪ ڪيو ويو، حب ۾ مغربي باءِ پاس چوڪ کان قومي شاهراهه تي ٽريفڪ بلاڪ ٿي وئي، اوٿل ۽ بيله ۾ به ڪراچي ڪوئيٽا قومي شاهراهه بلاڪ ڪئي وئي، اڳواڻن چيو ته لسٻيلي ضلعي جي ورڇ قبول ناهي، وفاقي ۽ صوبائي حڪومتون فوري طور نوٽيفڪيشن رد ڪن،ڪراچي ڪوئيٽا قومي شاهراهه بلاڪ هئڻ سبب هزارين گاڏين جون قطارون لڳي ويون، هزارين مسافر رلي ويا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.