ڇاڇري جي تعلقي اسپتال ۾ ليڊي ڊاڪٽر مقررنه ٿي، عورت فوت

ڇاڇرو(رپورٽ يعقوب بجير ) ڇاڇرو تعلقه اسپتال ۽ ڪيتري ئي عرصي کان ليڊي ڊاڪٽر مقرر نه ٿي سگهي ڇاڇرو اسپتال جي ايم ايس  طرفان  ڊي جي هليٿ۽ منسٽر هيلٿ کي به ڪيترائي ڀيرا ليڊي ڊاڪٽر مقرر ڪرڻ لاءِ لکڻ باوجو ڪو به کڙتيل نه نڪتو نيٺ ماروي جي ديس جي هڪ وڌيڪ  عورت ڇاڇرو اسپتال پهچن بعد  زندگي جي جنگ هارائي ويئي ان حوالي سان مليل ڄاڻ موجب ڳوٺ ڪانهاڻي ڀيل  جي رهواسڻ 25 سالن جي نوجوان ناري جومان زال خميسو ڀيل جنهن جي هفتو اڳ  سندس ڳوٺ ۾ دائي پاران ويم ڪرايو ويو هو،عورت  کي ڪالھ وارث بيھوشي واري حالت ۾  ڇاڇرو جي اسپتال کڻائي آيا جتي ڊاڪٽرن جي چوڻ موجب دائي پاران ويم ڪرائڻ دوران عورت کي بليدنگ شروع ٿي هئي  ۽ لڳاتار پورو هفتو تڪليف ۾  رهئڻ باوجود وارث  دير سان اسپتال کڻائي آيا جنهن جي ڪري انتهائي نازڪ حالت ۾  ڇاڇرو اسپتال ۾ پهتا جتي اسپتال انتظاميا پاران  ليڊي ڊاڪٽر نه هئڻ ڪري  ناري کي فوري طور  حيدرآباد ريفر ڪرڻ جو چيو  ويو جڏهن ته ناري جي وارثن موجب ناري اسپتال جي گيٽ تي دم  ڏئي ڇڏيو ، جنهن بعد فوت ٿيل عورت جو لاش واپس ڳوٺ کڻائي ويا. جڏهن ته ڇاڇرو اسپتال جي ايم ايس ڊاڪٽر ليکراج سارنگهاڻي جو چوڻ آهي ته اسان وٽ صرف هڪ گائناڪولاجسٽ  آهي جيڪا صبح جو مارننگ ۾ او پي ڊي ڪري ٿي  جڏهن ته رات جر شفٽ لاءِ اسان وٽ ڪا به ليڊي ڊاڪٽر ناهي۽ ان بابت مون ڪيترائي ڀيرا ڊي ايڇ او ٿرپارڪر ،ڊي جي هيلٿ ۽ هيلٿ منسٽر کي به لکيو آهي پر اڃا تائين ڪا به  ليڊي ڊاڪٽر مقرر ناهي ڪئي ويئي اسان وٽ ٿرپاڪر جي ٽن تعلقن ڇاڇرو ،ڏاهلي ۽ ننگرپارڪر جي ڳوٺن جا ماڻهون اچن  ٿا ۽ 24 ڪلاڪ ويم لاءِ ڏوراهين ڳوٺن جون عورتون اچن ٿيون پر رات جي وقت ليڊي ڊاڪٽر نه هئڻ  ڪري پريشاني آهي ان ڪري فوري طوري تي ڇاڇرو اسپتال ۾ ليڊي ڊاڪٽر اسان کي ڊنيون وڇن ته جئين رات جي وقت به ويم لاءِ ايندر عورتن جو سرڪاري طور علاج ٿي سگهي .

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.